Book Name:Data Huzoor Aur Fikr e Akhirat
* هر هفتي اميرِ اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو ڪندا آهن، ايندڙ هفتي به رات عشاء جي نماز کان پوءِ مدني چينل تي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت مولانا الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جواب به عطا فرمائيندا. تمام ذمّه داران ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين.
* شيخِ طريقت، امير اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”پوڙهائپ ۾ خدا ۽ مصطفيٰ جي ياد“ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏيو ۽ سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب جي نيت سان ٻين سان به شيئر ڪريو! * بدشگوني(بري فال) وٺڻ عالمي بيماري آهي مختلف ملڪن ۾ رهڻ وارا ماڻهو مختلف شين کان بدشگوني وٺندا آهن جو انسان ٻڌي ڪري حيران رهجي وڃي بدشگوني ڇا آهي ۽ هن کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو هن طرح جي کوڙ ساري معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ڪيل ڪتاب بدشگوني اڄ ئي مڪتبة المدينه تان 75 روپئي ۾ قيمت ڏئي حاصل ڪيو، پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدار رسالت،شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. [1]