Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
تي عربي ٻوليءَ ۾ حاشيو لکي رهيا هئا. 13 سال، 10 مهينا، 5 ڏينهن جي عمر مبارڪ ۾ سندن پهريون فتوو لکيو ۽ باقاعده طور تي مفتي جي مسند تي ويٺا. 22 سال جي عمر مبارڪ هئي، جڏهن سندن شاهه آلِ رسول رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ بيعت لاءِ حاضر ٿيا. شاهه آلِ رسول رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو انداز مبارڪ اهو هو ته جيڪو به بيعت لاءِ ايندو هو، ان کي ڪيترائي سال تائين مجاهدات ڪرائيندا هئا، رياضتون ٿينديون هيون، پر قربان وڃان! اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 22 سال جو نوجوان آهي، شاهه آلِ رسول رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ پهتا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڏسندي ئي فرمايائون: اچو! اسان ته ڪيئي ڏينهن کان انتظار ڪري رهيا هئاسين. ([1]) پوءِ پهرين ئي ملاقات ۾ کين پنهنجي هونهار ۽ نئين مريد کي خلافت به عطا فرمائي ڇڏي، ٻيا مريد حيران هئا ته هن آستاني تان خلافت حاصل ڪرڻ ايترو آسان ناهي، ڪيترائي سال محنت ٿيندي آهي، تڏهن هي نعمت ملندي آهي، احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي اهڙو ڪرم ڇو؟ پير صاحب کان هن حڪمت جي باري ۾ پڇيو ويو ته سندن اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، پوءِ فرمايائون: اي انسانو! توهان احمد رضا کي ڇا ڄاڻو...! پوءِ فرمايائون: مان فڪر مند هئس ته جيڪڏهن الله پاڪ قيامت جي ڏينهن مونکان پڇيو: اي آلِ رسول! تو دنيا مان اسان لاءِ ڇا آندو آهي؟ ته مان ڇا جواب ڏيندس؟ الحمد لله! اڄ اها فڪر ختم ٿي وئي. هاڻي جيڪڏهن الله پاڪ مونکان پڇيو ته آلِ رسول! دنيا مان ڇا آندو اٿئي ته مان مولانا احمد رضا کي پيش ڪري ڇڏيندس۔
روزِ محشر اگر مجھ سے پوچھے خُدا بول آلِ رسول تُو لایا ہے کیا
عرض کر دوں گا لایا ہوں احمد رضا یاخُدا یہ امانت سلامت رہے