Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

چند مثالون پيش ڪريان ٿو، قرآن ۽ حديث مان ثابت آهي؛ * صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جو عقيدو هو ته پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي علمِ غيب ڏنو ويو آهي، هن دور ۾ علم غيب جي عقيدي تي پهرو ڏيڻ وارا اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن. * صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جو عقيدو هو ته محبوبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نور آهن، هن دور ۾ نور جي عقيدي تي پهرو ڏيڻ وارا اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن * صحابه ڪرام     رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جو عقيدو هو ته الله پاڪ محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي مختارِ ڪُل بڻايو آهي، هن دور ۾ اختياراتِ مصطفى جي عقيدي تي پهرو ڏيڻ وارا اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  آهن. * صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جو عقيدو هو ته محبوبِ ذيشان   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم روزِ قيامت شفاعت ڪندا، هن دور ۾ شفاعت جي عقيدي تي پهرو ڏيڻ وارا اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  آهن. * صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جو عقيدو هو ته جيڪو به ڏيندو آهي، الله ڏيندو آهي، محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تقسيم ڪندا آهن، هن دور ۾ هن عقيدي تي پهرو ڏيڻ واري هستي کي اعلى حضرت چيو ويندو آهي.

علم کے ہیں  گُلستاں  احمد رضا خاں  قادری                                                          باغِ دِیں  کے گُل فِشاں  احمد رضا خاں  قادری

حق شناس و حق نما و نائبِ شمس الضحیٰ                                                                     وارثِ پیغمبراں  احمد رضا خاں  قادری

تیرا علم و فضل و شان و شوکت و جاہ و حشم                                                       شش جہت پر ہے عیاں  احمد رضا خاں  قادری

دے مبارکباد ان کو قادری رضوی جمیلؔ                                                           جن کے مرشد ہیں  میاں  احمد رضا خاں  قادری([1])

 وضاحت: علمِ دين جو باغ، ان باغ جا گل پکيڙڻ وارا، الله پاڪ جي سڃاڻپ رکندڙ، نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّمَ جا نائب، بلڪه انبياء جي وارث کي احمد رضا خان قادري چيو ويندو آهي، سندن علم ۽ فضل، شان ۽ شوڪت هر طرف عام آهي،


 

 



[1]... قبالۂ بخشش، صفحہ:344۔