Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

آهي. جيڪو جنهن صلاحيت جو مالڪ آهي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي دين جي خدمت ۾ لڳائي سگهي ٿو، ان جو باقاعده تقرر ڪيو وڃي ٿو، تنخواهون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ انهن جي صلاحيتن کان فائدو وٺندي تقريباً 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت جاري آهي. (10) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيه فرمايو: مذهبي اخبارون شايع ٿين، جن ۾ وقتاً فوقتاً موقع جي مناسبت سان مضمون لکجن ۽ سڄي ملڪ ۾ پهچايا وڃن. هتي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيه اصل ۾ پرنٽ ميڊيا جي ذريعي دين جي خدمت جو ذڪر ڪيو آهي. ان دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا موجود نه هو، هاڻي موجود آهي. الحمدلله! دعوتِ اسلامي پرنٽ ميڊيا جي ذريعي به دين جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي ذريعي به دين جي خدمت ڪري رهي آهي. الحمدلله! دعوتِ اسلامي جو پنهنجو ماهوار "فيضانِ مدينه" هر مهيني جاري ٿي رهيو آهي. دعوتِ اسلامي جي پنهنجي ويب سائيٽ به موجود آهي. يوٽيوب، فيس بڪ، انسٽاگرام وغيره جا پيجز به ٺهيل آهن. آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ به قائم آهي، جنهن جي ذريعي مختلف موبائل ايپليڪيشنز ٺاهي وڃي ٿي. ائين تقريباً هر فورم تي موجوده تقاضن مطابق دين جي خدمت جاري آهي.([1])

الحمدلله! دعوتِ اسلامي اعلى حضرت جي فيضان سان، سندن ٻڌايل طريقن مطابق موجوده دور جي تقاضن کي پورو ڪندي، سڄي دنيا ۾ دين جو پيغام عام ڪري چڪي آهي ۽ وڌيڪ ڪندي پئي وڃي.

اللہ کی نعمت ہے ، یہ دعوتِ اسلامی                                                                                     آقا کی عنایت ہے ، یہ دعوتِ اسلامی

مَلحُوظ شریعت ہے ، تو پاسِ طریقت ہے                                                               سر تا پا سعادت ہے ، یہ دعوتِ اسلامی

اسلام کی تعلیمات اور دین کے احکامات                                                                 سِکھلاتی شریعت ہے ، یہ دعوتِ اسلامی

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان به دعوتِ اسلامي جي هن ديني ماحول سان جڙيل رهو! دين جي هن عظيم خدمت ۾ پنهنجو حصو شامل ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!


 

 



 [1]فیضانِ امام اہلسنّت، صفحہ:189 بتصرف۔