Dawateislami Faizan e Raza Hai

Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai

8   پمفليٽ جشنِ ولادت جا 12 مدني گل”ممڪن هجي ته 112 نه ته گهٽ ۾ گهٽ 12 عدد ۽ ٿي سگـهي ته رسالو “صبحِ بهاران” 12 عدد ﻣﻜﺘﺒﺔالمدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪري ورهايو، خصوصاً انهن تنظيمن جي سربراهن تائين پهچايو جيڪي ربيع الاول ۾ لائٽنگ ڪندا يا محفلِ نعت يا جلوسِ ميلاد جون ڌومون مچائيندا آهن. ربيع النور شريف جي دوران ڪنهن سني عالم يا امام مسجد، مؤذن يا خادمِ مسجد جي ڪجھ نه ڪجھ مالي خدمت ڪيو ۽ زهي نصيب! هر مهيني اها سعادت حاصل فرمايو. شادين جي موقعن تي”شادي ڪارڊ“ سان گڏ مڪتبة المدينه جو ديني رسالو به وجهي ڇڏيو. عيد ڪارڊن جي بدران ديني ڪتاب ۽ رسالا ڏيڻ جو رواج وجهو ته جيئن جيڪا رقم خرچ ٿئي ان سان دين جو به فائدو ملي. شادي غمي جي تقريبن ۾ پنهنجي شهر جي مڪتبة المدينه کان ترڪيب بڻائي بستو لڳرايو ۽ مهمانن ۾ توفيق آهر اسلامي ڪتاب ۽ رسالا مفت تقسيم ڪيو.

ولادتِ  شہِ  دیں  ہر  خوشی  کی  باعث  ہے                                                                                                                                          ہزار  عید  سے  بھاری  ہے  بارہویں  تاریخ[1]

9   شهرن، ڳوٺن وغيره ۾ هر يوسي جا نگران  12  ڏينهن تائين روزانو مختلف مساجد ۾ عظيم الشان سنتن ڀريا اجتماعات منـعقد ڪن. شخصيات جي گهرن، عاشقانِ رسول جي دڪانن، مارڪيٽن، ڪارخانن، تعليمي ادارن وغيره ۾ به اجتماع ڪيو. (ذميدار اسلامي ڀينرون مدني مرڪز جي ڏنل طريقيڪار جي مطابق گهرن ۾ اجتماعات فرمائن)

لب پر  نعتِ  رسولِ  اکرم  ہاتھوں  میں  پرچم                                                                                                                                 دیوانہ   سرکار  کا   کتنا    پیارا    لگتا    ہے


 

 



[1]...  ذوقِ نعت ص۱۲۲