Book Name:Dawateislami Faizan e Raza Hai
10 11 ربيع الاول جي شام جو نه ته ٻارهينءَ جي رات غسل ڪيو، ٿي سگهي ته هن عيدن جي عيد جي تعظيم جي نيت سان اڇو لباس، عمامو، سربند، ٽوپي، مٿي تي پائڻ چاهيو ته سفيد چادر، پردي ۾ پردي لاءِ چادر، ڏندڻ، کيسي جو رومال، چپل، تسبيح، عطر جي شيشي، هٿ جي گهڙي، قلم، قفلِ مدينه پيڊ وغيره پنهنجي استعمال جي هر شيءِ ممڪن هجي ته نئين وٺو. (مجلسِ ميلاد شريف ۽ ٻين خير جي مجلسن لاءِ غسل ڪرڻ مستحب آهي. ڏسو: نماز جا احڪام ص 115)
آئی نئی حکومت سکّہ نیا چلے گا عالَم نے رنگ بدلا صبحِ شبِ وِلادت
11 ٻارهين جي رات اجتماع ميلاد ۾گذاري صبح صادق جي وقـت پنهنجن هٿن ۾ سبز سبز جهنـڊا کڻي، درود ۽ سلام پڙهندي اکين مان ڳوڙها وهائيندي ”صبحِ بهاران “جو استقبال ڪيو. فجر جي نماز کانپوءِ سلام ۽ عيد مبارڪ چئي هڪ ٻئي سان گرم جوشي سان ملاقات فرمايو ۽ سڄو ڏينهن عيد جون مبارڪون پيش ڪندا ۽ عيد ملندا رهو.
عیدِ میلادُ النّبی تو عید کی بھی عید ہے بالیقیں ہے عید ِعیداں عیدِ میلادُ النّبی
12 الله پاڪ جا پيارا پيارا آخري نبي، محمد رّسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سومر شريف تي روزو رکي پنهنجي ولادت جو ڏينهن ملهائيندا رهيا، توهان به يادِ مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ 12 ربيع النور شريف جو روزو رکـي ڪري سائـو جهنڊو کڻي جلوسِ ميلاد ۾ شريڪ ٿيو. جيستائين ممڪن ٿئي با وضو رهو ۽ زبان تي درود و سلام ۽ نعتن جا نغمه ڳائيندي ۽ درود ۽ سلام جا گل پيش ڪندي نگاهون جهڪائيندي باوقار طريقي سان هلو. ٺينگ ٽپا ڏيندي ڪنهن کي تنقيد جو موقعو نه ڏيو. (ذميدارنِ