Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

سب تمہارے دَر کے رستے                                                                                                  ایک تم راہِ خُدا ہو

سب کی ہے تم تک رسائی                                                                                                            بارگہ تک تم رسا ہو([1])

 

وضاحب:  يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! سڀني کان پهريان نبي به اوهان آهيو ڇو ته جڏهن حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي تخليق به نه ٿي هئي اوهان کي نبوت عطا ڪئي وئي هئي. آخري نبي به اوهان آهيو، نبوت ۽ رسالت جي ابتداء به اوهان کان آهي ۽ انتهاء به اوهان تي آهي. * سڀئي نبي وسيلو هئا، هدايت جو اصل مقصد اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهيو. * جيئن نماز پڙهڻ لاءِ پهرين وضو ڪيو ويندو آهي، تيئن پهريان جيترا نبي آيا اهي سڀئي وضو جيان هئا جيڪي مخلوق کي پاڪ ڪندا پئي آيا ۽ اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڄڻ ته اها نماز آهيو جنهن لاءِ زماني کي وضو ڪرايو پئي ويو. * سڀئي نبي خوشخبريون ٻڌائيندا اچي رهيا هئا، سڀئي نبي پنهنجي امت کي اهو ٻڌائيندا اچي رهيا هئا ته انسانو! جلد ئي هڪ نبي اچڻ وارو آهي،  يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! تمام نبي جن جي اچڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا، اوهان ان اعلان جا مدّعا(مقصد) آهيو. * جيئن ڪنهن ڏورانهين سفر تي وڃڻو هجي ته رستي ۾ ڪيترين جڳهن تان گذرڻو پوندو آهي، ڪيترين ئي منزلن تي رکڻو هوندو آهي، ائين ئي يارسول الله      صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ جي قرب جي سفر ۾ سڀئي نبي رستي جون منزلون هئا، اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان سفر جي آخري منزل آهيو. * سڀئي نبي اهو ٻڌائڻ آيا ته هڪ نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي اچڻ وارا آهن، اسان کان انهن تي ايمان آڻڻ جو وعدو ورتو ويو آهي، اي انسانو! جيڪڏهن توهان انهن جو زمانو ماڻيو ته انهن تي ايمان آڻجو. يعني سڀئي اوهان جي در جو رستو ٻڌائيندا رهيا، اوهين ئي راهِ خدا آهيو.


 

 



[1]... حدائق ِبخشش، صفحہ:341-342 ملتقطًا۔