Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

اها بادل نما شيءِ ڪهڙي هئي؟ عُلَماءِ ڪرام بيان ڪندا آهن ته اها بادل نما شيءِ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو نور مبارڪ هو. ان ۾ ربِّ ڪريم جي سڀني صفتن جو ظهور هو.[1]

تم سے خُدا کا ظہور، اس سے تمہارا ظہور                                         لمْ ہے یہ، وہ اِن ہوا، تم پہ کروڑوں درود([2])

وضاحت: هي وڏي باريڪ ڳالھ آهي، هڪ هوندي آهي: دليل لمّي ۽ هڪ هوندي آهي: دليل اِنِّي. مان ان کي ٿورو مثال سان آسان ڪري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو، ايئن سمجهو ته پري کان ڪٿي اوهان کي دونهون اٿندي نظر اچي، اوهان فوراً سمجهي ويندا ته ڪٿي باھ لڳل آهي. حالانڪ اوهان باھ کي ڏٺو ناهي، شعلا اٿندي نظر نه آيا، ڪنهن اچي ٻڌايو نه، اوهان صرف دونهون ڏٺو ۽ ڄاڻي ورتو ته ڪٿي باھ لڳل آهي. اهڙي طرح جڏهن اسان ڪٿي باھ ٻرندي ڏسندا آهيون ته سمجهي ويندا آهيون ته باھ آهي ته دونهون به هوندو، مثال جي طور تي اَڄڪلھ اهو دور ته ناهي رهيو پوءِ به جيڪڏهن اسان گهر ۾ ميڻ بتي ٻاريون ته ٿورو احتياط سان ٻاري ويندي آهي ته ڪٿي ميڻ بتي جي ڪري ديوار ڪاري نه ٿي وڃي، يعني اسان سمجهندا آهيون، ڄاڻيندا آهيون ته باھ ٻرندي ته دونهون اٿندو يعني هي 2 پهلو آهن، (1) دونهين کي ڏسي ڪري باھ کي سڃاڻي ورتو، ان کي چوندا آهن: دليل لمّي. (2) ٻيو پهلو آهي: باھ کي ڏسي ڪري دونهي جي سڃاڻپ ڪري وٺڻ، ان کي چوندا آهن: دليل اِنِّي.

سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   فرمائي رهيا آهن؛

تم سے خُدا کا ظہور، اس سے تمہارا ظہور                                                            لِمْ ہے یہ، وہ اِن ہوا، تم پہ کروڑوں درود


 

 



[1] مجموع لطیف اُنسی، رسالۃ:اعلام جہال بحقیقۃ الحقائق باسنۃ نصوص کلام سید الخلائق، صفحہ:19، 20۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:267۔