Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

اُولُو العَزْم رسولن مان آهن، يعني اهي 5 انبياءِ ڪرام عَـلَـيْـهِمُ الـسَّـلَام جيڪي باقي سڀني نبين کان افضل آهن، انهن مان هڪ حضرت موسى عَلَيۡهِ السَّلَام به آهن * الله پاڪ کين ڪليمُ الله بڻايو * پنهنجو ڪلامِ پاڪ کين ٻڌايو * ڪوھِ طور تي تجلي فرمائي سندن رتبو ويتر وڌايو * اِيتري بلند شان وارا نبي آهن * الله پاڪ جو ڪيترو قرب رکندا هوندا * ڪيتري اوچي شان رکندا هوندا * اسان سندن عزت ۽ رتبي جو تصور به نٿا ڪري سگهون * اِيتري بلند شان واري نبي حضرت موسى عَلَيۡهِ السَّلَام کي ارشاد ٿئي رهيو آهي: اي موسى! وڌيڪ قرب چاهيو ٿا ته منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود پڙهندا ڪيو، قرب جي منزلن ۾ وڌ کان وڌ ترقي ڪندا ويندؤ.

خُدا نے اِس قدر اُونچا کیا پایہ مُحَمَّد کا                                                                     نہ پہچانا کسی نے آج تک رُتبہ مُحَمَّد کا

 سیہ کاروں کی کیا گنتی کہ دَرگاہِ اِلٰہی میں                                                                    وسیلہ ڈھونڈتے ہیں حضرت موسیٰ مُحَمَّد کا

وضاحت: الله پاڪ وٽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو مقام ۽ مرتبو ايترو بلند آهي جو ڪير به ان کي حاصل نٿو ڪري سگهي، الله! الله! اسان ڪهڙي گڻپ ۾ آهيون، الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ لاءِ حضرت موسى عَلَيۡهِ السَّلَام به انهن جو وسيلو پيش ڪن ٿا.

پيارا اسلامي ڀائرو! ان مان اندازو لڳايو! اسان جيڪي گنهگار آهيون، خطاڪار آهيون، ڏينهن رات گناهن ۾ ٻڏل آهيون، اسان لاءِ ڪيترو ضروري آهي ته اسين درود پڙهون، ڪثرت سان پڙهون، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!! ان جي برڪت سان * گناهه ڌوپجي ويندا * دل روشن ٿي ويندي * اخلاق، ڪردار ۽ عادتون سُڌري وينديون * جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته الله پاڪ جو قرب به ضرور نصيب ٿي ويندو، * دنيا به سُٺي ٿي ويندي * آخرت ۾ به ڪاميابي ملي ويندي. تنهنڪري درود پاڪ ڪثرت سان پڙهڻ جي عادت وجهو! اڄ ئي کان درود پاڪ پڙهڻ شروع ڪريو! اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ العَالِيهُ اسان کي نيڪ اعمال ۾ ترغيب ڏني ته روزانو (گهڻو نه