Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

Book Name:Saaray Oonchon Se Ooncha Hamara Nabi

اسان سمهي رهون بلڪ اڄ اسان پنهنجي ربِّ ڪريم جي حضور 100 دفعا مٿو جھڪائيندي نماز ادا ڪنداسين، پنهنجي رب جي حضور سجدو ڪنداسين. وڌيڪ فرمايو: اسان کي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جو هُن اسان کي هِن رات ۾ هڪ وڏي نعمت عطا ڪئي آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي نبين جي ڪهڙي شان آهي...!! حضرت عيسى عَلَيْهِ السَّلام اُهي شان وارا نبي آهن، جن جي معجزهءِ علمِ غيب جو الڳ طور قرآن شريف ۾ ذڪر آيو آهي ۽ سندن علمِ غيب جي شان ڏسو! هزارين سال اڳ جي ڳالهه آهي، حضرت عيسى عَلَيْهِ السَّلام الله پاڪ جي عطا سان، علمِ غيب جي شان سان ان وقت اُمّتِ مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو انداز ڏسي رهيا هئا، عشق جا رنگ ڏسي رهيا هئا، سندن کي اها خبر هئي ته ولادتِ مصطفيٰ جي رات اها عظيم رات آهي جو اُمّتِ مصطفيٰ ان رات جي قدر سڃاڻيندي، پنهنجي آقا صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪمال درجي جو عشق ڪندي، انهن جي ولادت جي رات کي سالياني جشن طور ملهائيندي.

نہ کیوں  آج جھومیں  کہ سرکار آئے                                                         خدا کی خدائی کے مُختار آئے

نہ کیوں  بارہویں  پر ہمیں  پیار آئے                                                            کہ آئے اِسی روز سرکار آئے

وہ آئے دو عالم کے مختار آئے                                                                           لو آج آئے امّت کے غمخوار آئے([2])

 پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ٻي ڳالهه تي غور ڪريو! حضرت عيسى عَلَيْهِ السَّلام محبوب صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اچڻ جي خوشخبري ڏيڻ آيا هئا، جيڪي هي ڄاڻندا هئا ته مون کان بعد هاڻ ڪو به نبي تشريف نه آڻيندو، صرف ۽ صرف احمد نبي       صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي تشريف آڻيندا. اهي هي به ڄاڻندا هئا ته انهن جي ولادت مبارڪ ڪڏهن ٿيندي، ڪهڙي رات تي اهي دنيا ۾ تشريف آڻيندا. اڃا پاڻ


 

 



[1] انبیائے سابقین اور بشارتِ سید المرسلین، صفحہ:45۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:499۔