Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

ڪيو هو تہ آئون وقت کي محفوظ ڪرڻ (يعني هر وقت ذڪرالله ۾ مشغول رهڻ) چاھيان ٿو، هي ان مرتبي تائين پھتا جو ھر وقت ھٿ ۾ تسبيح کڻي ذڪر اللہ ۾ مصروف رھندا ھئا، ايستائين جو جڏھن استنجاء خاني جي لاءِ تشريف کڻي ويندا ھيا تہ تسبيح ھڪ جڳھ تي لٽڪائي ڇڏيندا ھيا ۽ اُن تسبيح جا داڻا ازخود ھلندا رھندا ھئا.

  شيخ محمد بن محفوظ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي ھن واقعي کي بيان ڪرڻ وارا آھن، پاڻ فرمائن ٿا منھنجي دل ۾ ڪيئي قسمن جا خيال ايندا رھندا ھئا. مان انھن ۾ فرق نه ڪري سگھندو ھيس ته ڪھڙو خيال اللہ پاڪ جي طرفان آھي، ۽ ڪھڙو خيال اللہ پاڪ جي طرف کان ناھي، جيئن ته مون عرض ڪيو: حضرت مون کي اھڙي معرفت ملي وڃي جو دل جي ارادن ۾ فرق ڪري سگھان، مون کي معلوم ٿي وڃي تہ ڪھڙو خيال اللہ پاڪ جي طرفان آھي، ۽ ڪھڙو خيال اللہ پاڪ جي طرفان ناھي، منھنجو عرض ٻڌي ڪري حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه منھنجي سيني تي ھٿ رکيو، ان سان منھنجي دل ۾ ھڪ نور چمڪيو، ۽ اڄ تائين اھو نور چمڪي رھيو آھي ، ان جي برڪت سان مان دل جي ارادن ۾ فرق ڪري وٺندو آھيان    [1] .

سُبْحٰنَ اللہ! دلين تي ڪھڙو زبردست تَصَرُّف آھي، ڪھڙي تہ حڪومت آھي !ھڪ دفعو ھٿ مبارڪ رکيائون، دل ۾ اھڙو نور چمڪيو جو سڄي زندگي جي لاءِ ھدايت جو ذريعو بڻجي ويو.

شيخ ابو مظفر جو واقعو

شيخ ابو مظفر بن منصور رحمةُ اللهِ عليه فرمائن ٿا ته هڪ ڀيرو مان حضرت شيخ عبد القادر رحمةُ اللهِ عليه جي دربار ۾ حاضر ٿيس، ان وقت مون کي هڪ فلسفي جي ڪتاب هٿ ۾ کنيل هئي. پاڻ بنا ڪتاب ڏسڻ جي ئي فرمايو: اي ابومظفر!


 

 



[1] بَہْجَۃُ الْاَسْرَار، ذکر فصول من کلامہ...الخ، صفحہ:66-68 ملخصاً۔