Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

Book Name:Ghous e Pak Ki Dilon Par Hukumat

علمِ دين سکو !

    پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان اسان کي اهو به سکڻ جي لاءِ مليو ته دنياوي علم پڙهڻ جيتوڻيڪ جائز آھي پر آخرت جو فائدو دين جي ئي علم ۾ آهي * ھي علم دين سکڻ وارا ئي آھن جڏھن گھر کان نڪرندا آھن تہ فرشتا انھن جي پيرن جي ھيٺان پنھنجا پر وڇائيندا آھن * سڄي مخلوق ايستائين جو درياهه ۾ مڇيون بہ انهن لاء دعا گهرنديون آھن * طالبِ علم دين جي لاءِ جنت جو رستو آسان ڪيو ويندو آھي. ان ڪري اسان کي دين جو علم پهريان سکڻ گهرجي، ان کي اهميت ڏيڻ گهرجي، دين جو علم سکي ورتو، جيتري قدر ديني علم سکڻ فرض آهي، اسان ايترو سکي ورتو، هاڻي جيڪڏهن توهان چاهيو ته دنيا جو علم به سکي وٺو. البته! پهريان دين جو علم سکو. الله تعاليٰ فرمائي ٿو: ته

کُوْنُوْا رَبّٰنِیّٖنَ  (پارہ:3، سورۂ آل عمران:79)

ترجموڪنزالعرفان: الله وارا ٿي وڃو،

 يعني الله وارا ٿي وڃو! ڪيئن ٿيڻو آھي؟ دين جو علم جي سکي ڪري، قرآن پاڪ سکي ڪري، حديثون سکي ڪري، دين جي سمجهه حاصل ڪري.

علم دين سکڻ ئي ڇو ضروري آھي.

ھڪ ٻي جڳھ تي اللہ پاڪ ارشاد فرمائي ٿو

وَ لٰکِنَّ اَکْثَرَ النَّاسِ لَا یَعْلَمُوْنَ (۶) یَعْلَمُوْنَ ظَاہِرًا مِّنَ الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا ۚوَ ہُمْ عَنِ الْاٰخِرَۃِ ہُمْ غٰفِلُوْنَ (۷) (پارہ:21، سورۂ روم:6، 7)

ترجموڪنزالعرفان: پر گهڻا ماڻهو ڄاڻن نٿا. اکين جي آڏو جي دنياوي زندگي کي ڄاڻن ٿا ۽ اهي آخرت کان بلڪل غافل آهن.

هن آيت سڳوري جي تفسير ۾ علامه نسفي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا ته: هتي الله پاڪ