Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

وَ عَلَّمْنٰہُ  صَنْعَۃَ  لَبُوْسٍ لَّکُمْ (سيپارو: 17، سورة انبياء: 80)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اسان توهان جي فائدي لاءِ ان کي هڪ خاص جو هنر سيکاريو.

يعني حضرت  حضرت دائود عَلَیْہِ السَّلَام زرھ بڻائيندا هئا، الله پاڪ کين ان جو علم ڏنو.

 تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ آهي: انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَاممختلف پيشن (Professions) کي اختيار فرمائيندا هئا ۽ هٿ سان ڪمائي کائيندا هئا، جيئن ته * حضرت ادريس عَلَیْہِ السَّلَام سلائي جو ڪم ڪندا هئا * حضرت نوح عَلَیْہِ السَّلَام ڪاٺ جو * حضرت ابراهيم عَلَیْہِ السَّلَام ڪپڙي جو * حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام ٻني ٻاري جو * حضرت موسيٰ ۽ حضرت شعيب عَلَیْهما السَّلَام ٻڪريون چارڻ جو * حضرت صالح چادر ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا * ۽ اسان جا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جيتوڻيڪ خاص طور تي ڪو پيشو اختيار نه فرمايو پر پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڪريون چاريون، تجارت فرمائي ۽ ڪجھ ٻيا ڪم به فرمايا آهن لهٰذا ڪنهن جائز ڪم ۽ پيشي کي معمولي نه سمجهڻ گهرجي.[1]

پيشي جو  طعنو

اسان وٽ جيڪي ڪجھ پيشا اختيار ڪرڻ ۾ شرم ۽ جهجھڪ محسوس ڪندا آهن، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته ماڻهو طعنا ڏيندا آهن. * جيڪو ڪپڙا بڻائيندو آهي، ان کي ڪُوري چئي ڪري شرم ڏياريو ويندو آهي * جيڪو جوتا سبندو آهي، ان کي حقير سمجهي ڪري، طعني طور موچي چيو ويندو آهي * جيڪو وارَ ٺاهيندو آهي، ان کي طعني طور حجم چئي ڪري شرمسار ڪيو ويندو آهي، هي نهايت غلط ڳالھ آهي، تمام غلط ڳالھ آهي. طعنا ڏيڻ دل آزاري جو سبب آهي ۽ دل ڏکائڻ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:


 

 



[1] صراط الجنان ،پارہ :17، سورۂ انبیاء،زیرِ آیت: 80 ،جلد:6 ،صفحہ:354