Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

ناحق پنڻ جو وبال

حديث شريف ۾ آهي: جيڪو شخص ماڻهن کان سوال ڪري، حالانڪه نه ان کي فاقو پهتو، نه اوترا ٻار ٻچا آهن جن جي طاقت نٿو رکي ته قيامت جي ڏينهن اهڙي طرح ايندو جو ان جي منهن تي گوشت نه هوندو.[1] معجم ڪبير جي حديث پاڪ آهي: جيڪو شخص بنا حاجت سوال ڪندو آهي، ڄڻ ٽانڊا کائيندو آهي.[2] مسلم شريف ۾ حديث پاڪ آهي: جيڪو مال وڌائڻ جي لاءِ سوال ڪندو آهي، اهو ٽانڊن جو سوال ڪندو آهي ته چاهي گهڻو گهري يا گهٽ جو سوال ڪري.[3] هڪ ٻي روايت ۾ آهي: جيڪو ماڻهن کان سوال ڪري، ان ڪري جو پنهنجي مال کي وڌائي ته اهو جهنم جو گرم پٿر آهي، هاڻي ان کي اختيار آهي، چاهي ٿورو گهري يا گهڻو طلب ڪري.[4]

رشوت جو  وبال

پيارا اسلامي ڀائرو! حرام ڪمائڻ، کائڻ، ۽ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي کارائڻ جو وبال ئي وبال آهي، عام طور تي نيڪ پرهيزگار نظر اچڻ وارا ٻانها به علمِ دين جي ڪَمي جي وجھ سان ان وبال جو شڪار ٿي ويندا آهن، لهٰذا اسان کي گهرجي ته عاشقانِ رسول عالمن سان رابطي ۾ رهون، بنيادي ضروري علمِ دين سکندا رهون، دارُ الافتاء اهلسنت کان پنهنجي معاملن جي باري ۾ سوالات ڪندا رهون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان اسان حرام مال جي نحوست کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، نه ته ڪٿي مالِ حرام اسان کي آخرت ۾ برباد نه ڪري ڇڏي.

حُسنِ ظاہر پر اگر تُوجائے گا                                                                                                         عالَمِ فانی سے دھوکہ کھائے گا

یہ مُنَقَّش سانپ ہے ڈس جائے گا                                                                 کر نہ غفلت یاد رکھ پچھتائے گا

ایک دن مرنا ہے آخِر موت ہے                                                                          کرلے جو کرنا ہے آخِر موت ہے


 

 



[1]... شعب الایمان ج۳ ص ۲۷۴ حدیث ۳۵۲۶ دارالکتب العلمیۃ بیروت) ۔

[2]...  (المعجم الکبیر، ج۴ ص۱۵ حدیث ۳۵۰۶ دار احیاء التراث العربی بیروت) ۔

[3]...(صحیح مسلم ص ۵۱۸، حدیث ۱۰۴۱ دار ابن حزم بیروت) ۔

[4]...(الاحسان بترتیب صحیح ابن حبان ج۵ ص ۱۶۶ حدیث ۳۳۸۲دارالکتب العلمیۃبیروت)۔