Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab
اصل ۾ هي ڪنهن شخص جو کوھ هو، اڳين زماني ۾ جيڪي کوھ هوندا هئا، انهن مان پاڻي ڪڍڻ آسان نه هوندو هو، ان ڪري ماڻهو مزدوري ڏئي ڪري پاڻي ڪڍرائيندا هئا. حضرت مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنه اُجرت تي کوھ مان پاڻي ڪڍي رهيا هئا ۽ طئي هي ٿيو هو ته هڪ ڏول ڪڍڻ تي هڪ کجور ڏني ويندي. جيئن ته حضرت مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنه جن محنت ڪري پاڻيءَ جا کوڙ ڏول ڪڍيا، جڏهن ڪافي کجورون جمع ٿي ويون ته پاڻ کجورون ڪپڙي ۾ ٻَڌَائون، هڪ شهزادي کي آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ڪلهن تي ويهاريو، هڪ شهزادي کي مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنه ڪلهن تي ويهاريو ۽ گهر تشريف وٺي آيا. (ریاض النضرۃ)
ہیں کائناتِ حُسْن کے انوار پانچ تَن خالق کا بےمثال ہیں شاہکار پانچ تَن
اُن ہی کے دَم سے رونقِ کونین ہے تمام کونین کے ہیں مالک ومختار پانچ تَن
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللهُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم امامُ الانبيا آهن، * ٻنهي جهانن جي لاءِ رحمت آهن، * الله پاڪ جا محبوب آهن، شان اهو آهي جو فرمائن ٿا: واِنِّیْ قَدْ أُعْطِيْتُ مَفَاتِيحَ خَزَائِنِ الأرْضِ بيشڪ زمين جي تمام خزانن جون ڪنجيون مونکي ڏنيون ويون آهن. هڪ روايت ۾ فرمايائون: اِنَّمَا اَنَا قَاسِمٌ وَاللَّهُ يُعْطِيْ مان ورهائيندو آهيان، الله پاڪ ڏيندو آهي.
ربّ ہے مُعْطِی یہ ہیں قَاسِم رزق اُس کا ہے کھلاتے یہ ہیں
* پوءِ مسلمانن جي چوٿين خليفي، حضرت علي المرتضيٰ، شيرِ خدا رَضِیَ اللہُ عَنه جو شان پاڪ ڏسو! * کيس دنيا ۾ ئي خوشخبري ٻڌائي وئي * سندن شهزادا