Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

حلال ڪمائڻ به عبادت آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! حلال رزق ڪمائڻ عام ڳالھ نه آهي، هيءَ به هڪ عبادت آهي. جي ها! * الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اِنَّ اللہَ تَعَالٰی یُحِبُّ الْعَبْدَ الْمُؤْمِنَ الْمُحْتَرِفَ بيشڪ الله پاڪ رزق جي تلاش ۾ تڪليف کڻڻ واري مومن کي پسند فرمائيندو آهي.[1] * سڀني کان افضل رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ سوال ٿيو: سڀ کان پاڪيزه عمل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: ماڻهوءَ جو پنهنجي هٿ جي ڪمائي کائڻ.[2]

هي به الله جي راھ ۾ آهي

  هڪ ڀيري پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما هئا، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنهم به حاضر هئا. اوتري ۾ هڪ خوبصورت ۽ طاقتور نوجوان تيز تيز قدم سان هلندو اُتان کان گذريو، ان کي ڏسي ڪري صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم فرمائڻ لڳا: ڪاش! هي پنهنجي جواني الله پاڪ جي راهه ۾ لڳائي ها. حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: * جيڪڏهن هي  پنهنجي نابالغ ٻارن جي لاءِ ڪمائي ڪرڻ نڪتو آهي ته فَہُوَ فِیْ سَبِیْلِ اللہِ ته هي الله پاڪ جي ئي رستي ۾ آهي، * جيڪڏهن هي پوڙهي والدين جي لاءِ روزيءَ جي تلاش ۾ نڪتو آهي ته فَہُوَ فِیْ سَبِیْلِ اللہِ ته تڏهن به هي الله پاڪ جي ئي رستي ۾ آهي* جيڪڏهن پاڻ کي سوال کان بچائڻ جي لاءِ نڪتو آهي ته فَہُوَ فِیْ سَبِیْلِ اللہِ  تڏهن به هي الله پاڪ جي رستي ۾ آهي.[3]

  خبر پئي: ضرورت جي مطابق حلال رزق ڪمائڻ به عبادت آهي. هاڻي ٿورو


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:116، حدیث:1873۔

[2]...شعب الایمان، باب التوکل والتسلیم، جلد:2، صفحہ:88، حدیث:1238۔

[3] معجم کبیر، جلد:8، صفحہ:160، حدیث:15619۔