Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

فرمايو: الله جي راه ۾ خرچ ڪريو! مال نه روڪيو! نه ته توهان تي رزق تنگ ڪيو ويندو.[1]

علامه عيني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن فرمانِ مبارڪ جو مطلب بيان ڪندي لکن ٿا: مطلب اهو آهي ته غربت جي خوف کان صدقو ڏيڻ بند نه ڪريو! نه ته توهان تي رزق روڪيو ويندو، توهان جو روزگار ختم ٿي ويندو.(عمدة القاري)

ان مان معلوم ٿيو ته صدقو ڪرڻ سان رزق وڌندو آهي، ان ۾ برڪت ايندي آهي ۽ صدقو بند ڪرڻ سان رزق ۾ تنگي پيدا ٿيندي آهي ۽ روزگار ملڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿينديون آهن.

ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان امير هجون يا غريب، آمدني گهڻي هجي يا گهٽ هجي، هر حال ۾، جيتري اسان جي طاقت آهي، ان مطابق ڪجهه نه ڪجهه الله جي راھ ۾ ضرور خرچ ڪندا رهون. ان جي برڪت، اِنْ شَآءَ اللهُ الڪريم، غربت ختم ٿيندي، رزق ۾ اضافو به ٿيندو، برڪت به ملندي ۽ جيڪڏهن الله پاڪ چاهيو ته آخرت ۾ گهڻو ثواب به نصيب ٿيندو.

 ٽيلي ٿون جي ترغيب

الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي ديني ڪم جي لاءِ مالي تعاون ڪرڻ به آهي. اَلحَمۡدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ دينِ اسلام جي خدمت جي لاءِ ڪوشان آهي. 80 کان وڌيڪ مختلف شعبن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. * دعوت اسلامي هاڻي تائين هزارين مسجدون ٺاهي چڪي آهي * علم دين جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ هزارين مدرسة المدينه قائم ڪري چڪي آهي * لکين حافظ، قاري، امام، مبلغ، معلّم، عالم و مفتي تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ اصلاحِ امت ۽ ڪردار سازي جو ڪم جاري


 

 



[1] بخاری،کتاب الزکاۃ، باب التحریض علی الصدقۃ والشفاعۃ فیہا، صفحہ:400، حدیث:1433۔