Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab
رب جي رضا ۾ راضي رهڻ واري جي لاءِ خوشخبري
الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو:
طُوۡبٰی لِمَنۡ ھُدِیَ لِلۡاِسۡلَامِ وَكَانَ عَيْشُهُ كَفَافًا، وَقَنَعَ يعني خوشخبري آهي ان جي لاءِ جنهن کي اسلام جي هدايت ڏني وئي ۽ ان جي آمدني گذر بسر جيتري هجي ۽ اهو ان تي قناعت ڪري يعني صبر و شڪر سان راضي رهي.[1]
ٿوري رزق تي راضي رهڻ وارن جو مقام
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته الله پاڪ منهنجي امت جي هڪ گروھ کي پَر عطا فرمائيندو، جن جي ذريعي اهي قبرن مان اٿي ڪري جنّت ۾ هليا ويندا ۽ اُتي جيئن چاهيندا مزا ماڻيندا. ملائڪَ انهن کان پڇندا: ڇا توهان حساب ڏئي چڪا آهيو؟ اهي چوندا: اسان حساب ناهي ڏنو. ملائڪ وري پڇندا: ڇا توهان پلصراط تان گذري چڪا آهيو؟ اهي جواب ڏيندا: اسان پلصراط ناهي ڏٺي. پوءِ ملائڪَ پڇندا: توهان جهنم ڏٺو؟ اهي چوندا: اسان ڪنهن شيءِ کي ناهي ڏٺو. تڏهن ملائڪ انهن کي چوندا: توهان ڪنهن جي اُمّت مان آهيو؟ اهي خوش نصيب جنتي چوندا: اسان اِمامُ الانبياء، حضرت محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا امتي آهيون، ملائڪَ چوندا: اسان توهان کي الله پاڪ جو قسم ڏيون ٿا، ٻڌايو دنيا ۾ اوهان جا ڪهڙا عمل هئا؟ اهي جواب ڏيندا: اسان جون ٻه عادتون هيون، جن جي ڪري الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان هن مرتبي کي پهتاسين: (1): اسان اڪيلائي ۾ به الله پاڪ جي نافرماني کان حياء ڪندا هئاسين ۽ (2): اسان الله پاڪ جي عطا ڪيل ٿوري رزق تي راضي رهندا هئاسين.[2]