Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ملي، سندن پُر اثر ملفوظات سان مان ايتري قدر متاثر (Impress) ٿيس جو مون فوراً پنهنجي سابقه گناھن کان توبھ ڪئي ۽ نمازن جي پابندي جو عزم ڪري ورتو، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ترغيب (Motivation) ڏيارڻ تي چنڊ رات جو گهر وڃڻ بدران راھِ خدا جو مسافر بڻجي ويس جتي علمِ دين جي سنهري موتين سان دامن ڀرڻ جو موقعو مليو ۽ سنّتون سکڻ سان گڏوگڏ انهن تي عمل ڪرڻ جو جذبو به دل ۾ ڇوليون ڏيڻ لڳو.

مدنی مذاکرہ ہے شریعت کا خزینہ                                                                              اَخْلاق کا، تہذیب کا، طریقت کا خزینہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی  اللهُ عَلٰی مُحَمَّد

قرآن ٽيچر موبائل ايپلي ڪيشن

اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي. اَلحَمۡدُلله! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، ان جو نالو آهي: قرآن ٽيچر ( Quran Teacher)*هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي اسان درسِ نظامي، فيضانِ نماز ڪورس ۽ زڪوات ڪورس جهڙن بيشمار آن لائن ڪورسز جي رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي *ايجوڪيشن پورٽل (Educational Portal) ۾ پنهنجي آن لائن سرگرمين جي باري ۾ باخبر رکيو ويندو آهي * دعوتِ اسلامي جي هن پليٽ فارم تي تقريباً 55 کان وڌيڪ اسلامي ڪورسز ڪرايا ويندا آهن.  * هي ايپلي ڪيشن آن لائن ٿيڻ وارن ڪورسز جي باري ۾ به معلومات (Information) فراهم ڪندي آهي اوهان پنهنجي مرضي جي مطابق ڪنهن به ڪورس جو انتخاب ڪري سگهو ٿا ۽ بنا ڪنهن مُشڪل جي آن لائن قرآن سکڻ جي لاءِ داخلا وٺي سگهو ٿا.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد