Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

ٻڌايو! عبادت ڪرڻ شرم جي ڳالھ آهي يا فخر جي ڳالھ آهي، فرض ڪيو! اسان ڪٿي سفر تي وڃي رهيا آهيون، رستي ۾ نماز جو وقت ٿي ويو، اسان مسجد ۾ نٿا پهچي سگهون، نماز قضا ٿيڻ جو خوف آهي، انهيءَ ڪري رستي ۾ ئي بيهي ڪري، روڊ جي ڪناري ئي نماز پڙهڻ لڳي ويندا آهيون ، ته ڇا اها شرم جي ڳالهه هوندي يا سعادت جي ڳالهه؟ يقيناً هيءَ چڱي ڳالھ  آهي، بلڪه اهڙو موقعو هجي ته ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ خود پسندي وارا خيال به اچڻ لڳندا آهن. خبر پئي عبادت ڪٿي به ڪئي وڃي، شرم جي نه فخر جي ڳالھ هوندي آهي. لهٰذا پنهنجي ٻارن ٻچن جو پيٽ پالڻ جي لاءِ جيڪڏهن رستي جي ڪناري ريڙهي لڳائڻي پئجي وڃي، وزن کڻڻو پئجي وڃي، جوتا ڳنڍڻا پئجي وڃن، محنت مزوري ڪرڻي پئجي وڃي ته ان ۾ شرم جي ڪهڙي ڳالھ آهي، حلال رزق ڪمائڻ جيڪڏهن چڱي نيت سان هجي ته عبادت آهي ۽ عبادت ۾ شرم ناهي ڪيو ويندو، فخر ڪيو ويندو آهي.

ذلت جي جڳھ تي بيهڻ

 حضرت ابراهيم بن ادهم رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون تائين هيءَ ڳالھ پهتي آهي ته جيڪو ٻانهو حلال رزق جي ڳولا ۾ ذلت جي جڳھ تي بيهندو آهي، ان جي لاءِ جنّت واجب ٿي ويندي آهي.[1]

انبياءِ ڪرام جا پيشا

پيارا اسلامي ڀائرو! حلال ڪمائي جي لاءِ پيشو اختيار ڪرڻ ڪا عام ڳالھ ناهي، انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام جيڪي سڀني کان بلند رتبي وارا آهن، انهن به مختلف پيشا اختيار ڪيا آهن. ڪجھ انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام جي پيشن جو ذڪر ته قرآنِ پاڪ ۾ به ٿيو آهي. الله پاڪ جي نبي حضرت دائود عَلَیْہِ السَّلَام جي مُتعلق ارشاد ٿئي ٿو:


 

 



 [1] احیاءالعلوم ،کتاب آداب الکسب و المعاش،الباب الاول ...الخ،جلد:2 ، صفحہ:81۔