Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab
وَ لَا تَلْمِزُوْۤا اَنْفُسَکُمْ (سيپارو: 26، سورة حجرات: 11)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ پاڻ ۾ ڪنهن کي طعنو نه ڏيو.
يعني زبان يا اشاري جي ذريعي هڪٻئي تي عيب نه لڳايو ڇوته مومن هڪ جان جيان آهي جڏهن ته ٻئي مومن تي عيب لڳايو ويندو ته ڄڻ پاڻ تي ئي عيب لڳايو ويندو. [1]
حضرت عبدُالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عَنه کان روايت آهي: هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجي پيشي جي باري ۾ اوهان ڇا ٿا ارشاد فرمايو؟ پاڻ ڪريمن فرمايو: ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟ عرض ڪيائين: مان ڪپڙا ٺاهيندو آهيان (سنڌيءَ ۾ جنهن کي ڪُوري/ ڪاتار چيو ويندو آهي) پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: توهان جو پيشو حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام وارو آهي، سڀ کان پهريان جنهن ڪپڙو ٺاهيو اهي حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام آهن، بيشڪ توهان جو پيشو اهو آهي، جنهن جي ضرورت جيئرن سان گڏوگڏ مُئلن کي به پوندي آهي، (جو انهن کي ڪفن پارايو ويندو آهي). جيڪو توهان کي (توهان جي پيشي جي سبب طعنا ڏئي ڪري) تڪليف پهچائيندو آهي، اهو ڄڻ حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام کي طعنا ڏيندو آهي، خوف نه ڪيو! توهان کي خوشخبري آهي جو توهان جو پيشو مُبارڪ آهي، قيامت جي ڏينهن حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام توهان جا قائد هوندا.[2]
الله پاڪ اسان کي چڱي سوچ نصيب فرمائي، جيڪو خوشنصيب پنهنجي ٻارن ٻچن جو پيٽ پالڻ جي لاءِ حلال پيشو اختيار ڪندو آهي، اهو چڱو انسان آهي، نيڪ ڪم ڪندو آهي، اسان کي گهرجي ته ان جي حوصله افزائي ڪيون،