Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

الله پاڪ اسان کي حلال رزق ڪمائڻ، حلال ئي کائڻ، حرام کان هميشه بچڻ جي توفيق عطا نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

حلال طريقي سان ڪمائڻ جا مدني گُل

 پيارا اسلامي ڀائرو! صرف وياج ۽ رشوت وغيره ئي حرام ناهي، حرام ڪمائڻ جا ٻيا به کوڙ انداز آهن، ڪڏهن ڪڏهن اسان سمجهي رهيا هوندا آهيون ته مان حلال ڪمائي رهيو آهيان پر ان ۾ حرام جي ملاوٽ ٿي چڪي هوندي آهي، ان ڪري ضروري آهي ته حلال ڪمائي جي متعلق ضروري علمِ دين به لازمي سکو. امير اهلسنّت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو نهايت ئي پيارو رسالو آهي: حلال طريقي سان ڪمائڻ جا مدني گُل. هي رسالو هر مسلمان کي لازمي پڙهڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

روزگار ملڻ جو وظيفو

2 رڪعتون نفل ادا ڪيو ۽ سلام ڦيرڻ کان پوءِ 182 ڀيرا یالَطِیْفُ (اوَّل آخِر هڪ ڀيرو درود شريف) پڙهي ڪري جائز ۽ آسان ملازمت يا حلال روزگار ملڻ جي لاءِ دعا ڪيو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دعا قبول ٿيندي.

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو

اي عاشقانِ رسول! خوفِ خُدا حاصل ڪرڻ، نيڪ اعمال جو جذبو ماڻڻ، بُرائين کان پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور شرڪت ڪيو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  دين ۽ دنيا جون خوب خوب برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو به آهي.