Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

ورهائيندا به هئا، هاڻي ڇوته آمدني ٿي رهي هئي، لهٰذا ڪجھ ماڻهن محنت مزدوري ڪرڻ ڇڏي ڏني، ان تي پاڻ رَضِیَ اللہُ عَنه خطبو ڏيندي ارشاد فرمايو: اَيُّهَا النَّاسُ اَصْلِحُوا مَعَايشَكُمْ فَاِنَّ فِيهَا صَلَاحًا لَكُمْ وَصِلَةً لِغَيْرِكُمْ يعني اي انسانو! ڪم ڪار ڏانهن ڌيان ڏيو جو ان ۾ توهان جي لاءِ بهتري ۽ توهان جي طرف کان ٻين جي لاءِ صلهءِ رحمي آهي (يعني مال ڪمائيندؤ ته زال ٻارن ٻچن جا حقوق پورا ڪري انهن سان صلهءِ رحمي ڪري سگهندؤ).

الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي، بي روزگاري کان اسان کي بچائي، حلال رزق ڪفايت جيترو نصيب فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

رزق جي تنگي جو هڪ اهم سبب

پيارا اسلامي ڀائرو! روزگار نه ملڻ، رزق ۾ تنگي اچڻ، ڪڏهن ڪڏهن اسان وٽ هي شڪايت هوندي آهي ته گهڻو ڪمائيندو آهيان پر برڪت نه ٿيندي آهي. انهن مسئلن جو هڪ باطني سبب به آهي ۽ اهو آهي: دل ۾ فقر (غريبي) جو خوف. جڏهن اسان جي دل ۾ اهو خوف ويهي ويندو آهي ته جيڪڏهن مان هي رقم فلاڻي ڪم لاءِ، جهڙوڪ مسجد، مدرسي وغيره جي لاءِ ڏيندس ته مون وٽ ڇا بچندو؟ اهو خوف اسان کي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندو آهي. جڏهن انسان صدقو ۽ خيرات ڪرڻ کان رڪجي ويندو آهي ته ان جي رزق ۾ تنگي اچڻ شروع ٿي ويندي آهي.

صحابيه آهن: حضرت اسماء رضي الله عنها هڪ ڀيرو بارگاهِ رسالت ۾ حاضري ٿيون ۽ عرض ڪيائين: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيهِ وَ آلِه وَسَلَّم! منهنجو مڙس جيڪو ڪمائي آڻي ٿو، اهو ئي هوندو آهي، ڇا ان مان به خرچ ڪريان؟ محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيهِ وَ آلِه وَسَلَّم