Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab
ان ڪري روزگار ملي رهيو آهي گهٽ آمدني وارو ئي آهي، ان کي قبول ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بهتري ٿيندي.
گهٽ آمدني وارو آقا جو دوست آهي
جيڪي گهٽ ڪمائي ڏسي ڪري گهٻرائيندا، احساسِ ڪمتري جو شڪار ٿيندا ۽ دل ميري ڪندا آهن، انهن جي تسلي جي لاءِ هڪ ايمان افروز روايت ٻڌايان ٿو: جيڪو ٻانهو گهٽ آمدني تي صبر ڪندو آهي، اهو پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو دوست آهي. ترمذي شريف آهي، حضرت ابو اُمامه باهلي رَضِیَ اللہُ عَنه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اِنَّ اَغْبَطَ اَوْلِیَائِی عِنْدِی بيشڪ منهنجي ويجهو منهنجي دوستن ۾ وڌيڪ قابلِ رشڪ دوست اهو آهي (جنهن ۾ هي صفتون هجن) (1): لَمُؤْمِنٌ جيڪو مومن هجي (2): خَفِيفُ الْحَاذِ گهٽ سامان وارو هجي (3): ذُو حَظٍّ مِنَ الصَّلَاةِ ڪثرت سان نماز پڙهڻ وارو هجي (4): اَحْسَنَ عِبَادَةَ رَبِّهِ پنهنجي رب جي چڱي طرح عبادت ڪرڻ وارو هجي (5): وَاَطَاعَهُ فِي السِّرِّ اڪيلائي ۾ الله پاڪ جي فرمانبرداري ڪرڻ وارو هجي (6): وَكَانَ غَامِضًا فِي النَّاسِ لَا يُشَارُ اِلَيْهِ بِالْاَصَابِعِ ماڻهن ۾ لڪيل هجي، ان جي طرف آڱرين سان اشارا نه ڪيا ويندا هجن ۽ وَكَانَ رِزْقُهُ كَفَافًا فَصَبَرَ عَلَى ذَلِكَ ان جو رزق (يعني آمدني) بقدرِ ڪفايت هجي اهو ان تي صبر ڪندو هجي.[1]
خبر پئي: جنهن جي آمدني گهٽ هجي، خرچ وڌيڪ هجي، ساز و سامان گهٽ هجي، گهٽ آمدني جي باوجود صبر ڪرڻ وارو، الله پاڪ جو شڪر ڪرڻ وارو، الله پاڪ جي ورهاست تي راضي رهڻ وارو، ڪثرت سان نمازون پڙهڻ وارو هجي، اهو محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو دوست آهي. سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي نرالي فضيلت آهي! * ڪجھ ڪمَ هوندا آهن جن تي