Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

ڪنداسين، الله پاڪ برڪتون عطا فرمائيندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آمدني وڌي ويندي، سيلري ۾ اضافو به نيٺ ٿي ئي ويندو.

عاليشان بنگلو خريد ڪرڻ جي خواهش

هڪ غريب شخص هو، اهو ڪٿان گذري رهيو هو، ان جي نظر هڪ عاليشان بنگلي تي پئي، خوبصورت ۽ عاليشان گهر ڏسي ڪري ان جي دل ۾ آرزو پيدا ٿي ۽ ان کي شوق ٿيو ته ڪاش! ڪهڙيءَ طرح مان به اهڙو عاليشان گهر ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان. هاڻي ان عاليشان بنگلي جو دروازو کَڙڪايو. ملازم دروازو کوليو. غريب ماڻهو عرض ڪيو ته مان هن بنگلي جي مالڪ سان ملڻ چاهيان ٿو. جيئن ته ان کي  بنگلي جي مالڪ جي سامهون پيش ڪيو ويو. غريب شخص ان بنگلي جي مالڪ کان پڇيو: سائين! مان به اهڙو عاليشان گهر ٺهرائڻ چاهيان ٿو، ان جي لاءِ مونکي ڇا ڪرڻو پوندو؟ بنگلي جي مالڪ نهايت سادگي سان چيو: ٽافِين جو هڪ ڊٻو خريد ڪر ۽ فُٽ پاٿ تي ويهي وڪڻڻ شروع ڪر! غريب شخص هي جواب ٻڌي ڪري ڏاڍو حيران ٿيو ته مان ته هن کان عاليشان بنگلو خريد ڪرڻ جو طريقو پڇي رهيو آهيان ۽ هي مونکي فُٽ پاٿ تي ويهڻ جو مشورو ڏئي رهيو آهي. ان حيراني مان چيو: سائين! مان اوهان جو مطلب ناهيان سمجهي سگهيو....؟ بنگلي جي مالڪ چيو: سادي ڳالھ آهي، تون منهنجي گهر جهڙو گهر خريد ڪرڻ چاهين ٿو. مون به فُٽ پاٿ تي ويهي ڪري ٽافيون وڪڻڻ کان شروعات ڪئي هئي، توهان به اتان کان شروع ڪيو! الله پاڪ مون کي محنتن جو صِلو عطا فرمايو، توکي به ضرور عطا فرمائيندو.

 پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ حقيقت آهي...!! ابتداء ٿوري سيلري کان ئي ٿيندي آهي، پوءِ وقت سان گڏوگڏ الله پاڪ ان ۾ برڪت به عطا فرمائي ڇڏيندو آهي.