Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab
ڄڻ ته جنّت ان تي فخر ڪري رهي آهي ته مون ۾ ڪمزور(مثلاً غريب غُربا)، متقي، پرهيزگار، دل جا پاڪ ماڻهو داخل ڪيا ويندا. ([1])
تاج و تخت و حکومت مت دے کثرتِ مال و دولت مت دے
اپنی رِضا کا دے دے مُژدہ یا اللہ! مِری جھولی بھر دے
هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: اِطَّلَعْتُ فِی الْجَنَّۃِ فَرَاَیْتُ اَکْثَرَ اَہْلِہَا الْفُقَرَاءَ يعني مون جڏهن جنّت کي ملاحظه ڪيو ته ڏٺم ته جنّتين ۾ اڪثر تعداد غريب جو آهي.[2]
دے حُسنِ اخلاق کی دولت کر دے عطا اِخلاص کی نعمت
مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا یا اللہ! مِری جھولی بھر دے([3])
ياد رکو! صرف غريب هجڻ ئي جنّت جي نشاني نه آهي، نه ائين آهي ته هر امير معاذَ الله! جهنم ۾ ئي ويندو. جنّت ۽ جهنم جي ورهاست الله پاڪ جي رحمت تي آهي، پوءِ اعمال تي آهي، البت! اهو شخص جنهن کي دنيا ۾ غربت ملي ۽ ان نيڪي جو رستو اختيار ڪيو، هي وڌيڪ فائدي ۾ آهي جو ان کي غربت جو به الڳ اجر ڏنو ويندو.
پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً غريب فائدي ۾ آهي پر ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته اسان ڪم ڪار ڇڏي ڏيون ۽ هٿ تي هٿ رکي ويهي رهون، نه ٻارن جا حق ادا ڪريون، نه ماءُ پيءُ جي خدمت ڪريون، ضرورت مطابق حلال روزگار