Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

جيڪڏهن ٿي سگهي ته ان جي مدد ڪيون، ان جو هٿ ونڊايون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان معاشرو سڌرندو ۽ بي روزگاري جو خاتمو ٿي ويندو.

(2) گهٽ آمدني تي راضي نه ٿيڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ بي روزگاري وڌي رهي آهي، ان جو هڪ سبب هي به آهي ته ماڻهو گهٽ آمدني تي راضي ناهن ٿيندا. ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي ڪم ڪار ناهن ڪندا، فارغ گهمندا آهن ۽ گڏوگڏ پريشان به رهندا آهن، انهن جي غم جي ڪهاڻي ٻڌون ته خبر پوندي: * فلاڻي جڳھ تي ڪم ملي رهيو هو پر سيلري گهٽ هئي * پوءِ فلاڻي فيڪٽري ۾ ڪوشش ڪئي، اهي به ٿوري سيلري ڏئي رهيا هئا. * فلاڻي جڳھ C.V جمع ڪرائي، اهي به سُٺي رقم ڏيڻ جي لاءِ تيار نه ٿيا. يعني انهن جو هي خواب هوندو آهي ته پهريون ڀيرو ئي نوڪري لڳي، روزگار ملي ته اهڙو ملي جو پگهار هزارن ۾ نه بلڪ لکن ۾ هجي.

بنيادي طور تي هيءَ سوچ ئي سهي ناهي. ترقي هميشه زيرو کان ئي شروع ٿيندي آهي بلڪه علمِ نفسانيت جا ماهر ته چون ٿا، ڪاميابي جو سفر زيرو کان نه بلڪه مائنس کان شروع ٿيندو آهي، هڪ ننڍي مثال جي ذريعي ڳالھ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. فرض ڪيو! ڪو کَڏو آهي، اوهان کي ٽَپُ ڏئي ان کي پار ڪرڻو آهي، جيڪڏهن توهان ان جي ڪناري تي بيهي ڪري ٽپ ڏيندا ته پار نه ڪري سگهندا، هاڻي ٿورو پوئتي اچو! هاڻي ڊوڙي ڪري ٽپ ڏيو! هاڻي توهان آسان سان کڏو پار ڪري ويندا. خبر پئي: ڪاميابي جي لاءِ بعض اوقات پوئتي وڃڻ به ضروري آهي، هي سفر زيرو کان نه بلڪه مائنس کان شروع ڪيون ته ڪاميابي قدم چُمندي آهي. جيڪڏهن سيلري گهٽ ملي رهي آهي، آمدني گهٽ ٿي رهي آهي ته ان ۾ پريشاني جي ڪهڙي ڳالھ آهي؟ اڄ سيلري گهٽ آهي، اڄ آمدني گهٽ آهي، ڪم ڪنداسين، محنت