Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

ورهاست محنت تي ۽ آخرت جي ورهاست تقوا تي رکي آهي[1].

يعني جيڪو ٻانهو دنيا ۾ ڪاميابي گهري ٿو، ان کي گهرجي ته خوب محنت ڪري ۽ جيڪو آخرت ۾ ڪاميابي چاهي ٿو، اهو تقوا اختيار ڪري، ائين ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي نصيب ٿي ويندي.

کجيءَ  جو   ٿُڙ   لوڏڻ جو حڪم

  قرآنِ ڪريم ۾ حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام جي امڙ سائڻ حضرت بيبي مريم
رحمةُ اللهِ عَلَيْها جو هڪ واقعو ذڪر ٿيو آهي، جڏهن حضرت عيسيٰ عَلَیْہِ السَّلَام جي ولادت (Birth) جو وقت ويجهو آيو هو، حضرت مريم اڪيليون هيون، سندن ڪجھ کائڻ جي حاجت ٿي، سندن ويجهو ئي هڪ سُڪل کجيءَ جو ٿڙ هو، ان جا ڦرها به نه هئا، خالي ٿُڙ ئي هو، حضرت مريم رحمةُ اللهِ عَلَيْها کي حڪم ٿيو:

وَھُزِّیْۤ  اِلَیْکِ بِجِذْعِ النَّخْلَۃِ  تُسٰقِطْ عَلَیْکِ  رُطَبًا جَنِیًّا (۲۵) (سيپارو: 16، مريم: 25)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پڪڙي پنهنجي طرف ڌوڻيو، اهو توهان تي عمده تازيون کجورون ڪيرائيندو.

صحابيءِ رسول حضرت عبدُالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عَنهما فرمائن ٿا: اهو ٿڙ بلڪل سُڪل هو جڏهن حضرت مريم رحمةُ اللهِ عَلَيْها ان ٿڙ کي لوڏيندي مٿي ڏٺو ته ان تي ڦرها ڦُٽِي آيا، پوءِ انهن تي ٻور لڳو، ٻور ڪچي کجورن ۾ تبديل ٿيو، انهن تي رنگ آيو، ڪتلون ٿيون، پوءِ پچي ويون ۽ تازيون رس واريون کجورون ٿي ڪري پاڻ سڳورن رحمةُ اللهِ عَلَيْها جي سامهون ڪِرڻ لڳيون، انهن مان ڪابه ڦاٽندي نه هئي. هي سڀ ڪجھ اک ڇنڀ ۾ ٿيو.[2]

  هاڻي هتي ڏسو! هي الله پاڪ جي ڪهڙي قدرت آهي جو ٿڙ بلڪل سڪل هو، الله پاڪ گهڙي کن ۾ ان کي سائو به ڪري ڇڏيو، ان تي ميوو به لڳائي


 

 



[1] الرسالۃ القشیریۃ ،باب التقویٰ، صفحہ:142 ۔

[2]...تفسیرِ قرطبی،پارہ:16،مریم،زیرِ آیت:25،جز:11،جلد:6،صفحہ:17۔