Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

الحمد لله! شيخِ  طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر ڇنڇر تي نمازِ عشاء کان بعد مدني چينل تي براءِ راست مدني مذاڪرو ڪندا آهن، جنهن ۾ بيشمار عاشقانِ رسول تفسير، حديث، شريعت، طريقت وغيره مختلف موضوعن تي مشتمل سوال ڪندا آهن، امير اهلسنت انهن جا جوابَ ارشاد فرمائيندا آهن. هفتيوار مدني مذاڪرو  ڇنڇر جي ڏينهن نمازِ عشاء کان بعد مدني چينل تي لائيو (Live) ڏيکاريو ويندو آهي. مدني مذاڪرو اصلاحِ عقائد و اعمال جو بهترين ذريعو آهي: *الحمد لله! هاڻي هزارين غير مُسلم مدني مذاڪرو ڏسي ڪري ڪلمو پڙهي چڪا آهن.* لکين بي نمازي نمازي بڻجي چڪا آهن * هزاري دلين جي اصلاح ٿي آهي.

    اوهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علم دين حاصل ٿيندو * محبتِ الٰهي ملندي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * گناھن کان نفرت نصيب ٿيندي * نيڪي جو جذبو ملندو ۽ اخلاق ۽ ڪردار ۾ به بهتري ايندي. تمام اسلامي ڀائر پابندي سان مدني مذاڪرو ڏسڻ جي نيت ڪري وٺو!

علم ۽ حڪمت ڀريو مدني مذاڪرو

   هڪ نوجون جو بيان آهي: نمازون قضا ڪرڻ، فلمون ڏسي ڪري شيطان کي خوش ڪرڻ ۽ گانا باجا وغيره ٻڌي ڪري مست رهڻ منهنجو معمول هو، افسوس! مان سنّتن تي عمل ڪرڻ کان محروم هيس، منهنجي گناھن ڀري زندگيءَ ۾ بهار هيئن آئي جو هڪ ڏينهن هڪ مبلغ دعوتِ اسلامي سان منهنجي ملاقات ٿي وئي. انهن مون کي سمجهائيندي اجتماعي سنّت اعتڪاف (Mindset) جو ذهن ڏنو، انهن جي پياري انداز ۾ ڏنل نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي اثر (Effect) ڪري وئي ۽ مان اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿي ويس، هاڻي منهنجا رات ڏينهن عبادت ۾ گذرڻ لڳا، پُرسوز بيان ۽ رقت انگيز دعائن منهنجي دل جي دنيا ئي تبديل ڪري ڇڏي، ڪرم مٿان ڪرم هي ٿيو جو اجتماعي اعتڪاف ۾ اميرِ اهلِ