Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab
کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، نيت ڪريو! * رضائي الاهي جي لاءِ بيان ٻڌندُس * ادب سان ويهندُس * خوب توجھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندُس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندُس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللهُ عَلٰی مُحَمَّد
هر ڏول جي بدلي ۾ هڪ کُجور (ڪَتل)
بهرحال! حضرت اسماء بنتِ عُميس رَضِیَ اللہُ عَنها جيڪي صحابيه آهن، پاڻ فرمائن ٿيون: هڪ ڀيري پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي شهزادي سيده فاطمةُ الزهراء رَضِیَ اللہُ عَنها جي گهر تشريف وٺي آيا، پڇيائون:اَیْنَ اِبْنَایَ منهنجا پٽَ (يعني حسن ۽ حسين رَضِیَ اللہُ عَنهما) ڪٿي آهن؟ عرض ڪيائين: بابا سائين! گهر ۾ کائڻ جي لاءِ ڪجھ به نه هو، حضرت علي رَضِیَ اللہُ عَنه فرمايو: گهر هوندا ته کاڌو گهرندا ۽ گهر ۾ کائڻ جي لاءِ ڪجھ نه آهي، تنهنڪري مان انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃان ٿو. مطلب ته: اوهان جا ٻئي ڏوهٽا پنهنجي پيءُ سان فلاڻي هنڌ ويا آهن.
پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ٻنهي ڏوهٽن سان تمام محبت هئي، جيئن ته انهن سان ملاقات جي لاءِ اوڏانهن تشريف وٺي ويا، جيڏانهن سيده فاطمه رَضِیَ اللہُ عَنها ٻڌايو هو. اتي پهتا ته ڏٺائون: حضرت مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنه کوھُ مان ڏول ڀري ڪري پاڻي ڪڍي رهيا آهن ۽ ويجهو ئي ٻئي شهزادا کيڏي رهيا آهن. پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي علي! اُس تيز ٿي ويندي، ان کان پهريان منهنجي پٽن کي گهر ڇونه ٿا وٺي وڃو؟ عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! گهر ۾ کائڻ جي لاءِ ڪجھ به ناهي (ان ڪري هنن کي گڏ ئي وٺي آيو آهيان) اوهان تشريف رکو! مان ڪجھ کجورون گڏ ڪري وٺان. اهو ٻُڌي محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به تشريف فرما ٿي ويا.