Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab
ڪمائڻ جائز آهي بلڪه ڪيئي صورتن ۾ ته واجب به ٿي ويندو آهي، ان ڪري حلال روزي ضرور ڪرڻ گهرجي. بني اسرائيل جو هڪ عبادت گذار بزرگ هو، اهو دعا ڪندو هو: اَللّٰہُمَّ اَعِنِّیْ عَلیٰ دِیْنِیْ بِدُنْیَا وَعَلیٰ آخِرَتِیْ بِتَقْویٰ يعني اي الله پاڪ! مونکي مال ڏئي ڪري منهنجي دين تي مدد فرماءِ يا تقوا ڏئي ڪري آخرت جي معاملي ۾ مدد فرماءِ
يعني مال هوندو ته منهنجو دين محفوظ رهندو، شيطان وسوسا نه ڏياري سگهندو، غربت ۽ فقر ۽ فاقي جي خوف کان منهنجي دل ۾ غلط خيالات نه ايندا، لهٰذا منهنجو دين محفوظ رهندو، تنهنڪري اي الله پاڪ! مونکي حلال رزق نصيب فرماءِ.
تجھ کو مل جائے گا جو قسمت میں تیری، رزقِ حلال رکھا ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللهُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي معاشري ۾ بي روزگاري وڌندي پئي وڃي، اُن جي خاتمي جي لاءِ هي ڄاڻڻ ضروري آهي ته آخر بي روزگاري جا اسباب ڪهڙا آهن؟ اچو مان اوهان کي بي روزگاري جا ڪجھ اسباب ٻڌايان ٿو:
(1) محنت مزوري کان نه گهٻرايو!
اسان حضرت مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنه جو واقعو ٻڌو، سندن گهر ۾ کائڻ جو سامان موجود نه هو، پوءِ پاڻ ڇا ڪيائون...؟ گهران اٿيا، ٻاهر ويا، هڪ ماڻهو سان اجرت طئي ڪئي ۽ کوھ مان پاڻيءَ جا ڏول ڪڍي ڪري کجورون ڪمايون ۽ گهر وارن جي لاءِ کاڌي جو انتظام فرمايو“