Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab
جنّت جي خوشخبري ڏني ويندي آهي * ڪجھ اهي آهن، جن ۾ جهنم کان آزادي جي خوشخبري ٻڌائي ويندي آهي * ڪجھ اهي ڪمَ آهن، جن جي باري ۾ فرمايو ويندو آهي ته جيڪو ٻانهو هي ڪم ڪندو، اهو پلصراط تان سلامتي سان گذري ويندو * ڪنهن ڪم تي قبر جي عذاب کان ڇوٽڪاري جي بشارت هوندي آهي پر قربان وڃو! ان شخص جي خوش قسمتي تي جنهن ۾ حديث شريف جي اندر بيان ڪيل 7 اوصاف لڌا وڃن، هي اهڙو بُلند رتبي وارو آهي جو ان کي مالڪِ جنّت، قاسمِ نعمت، محبوبِ ربُّ العزت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو قابلِ رشڪ دوست فرمايو آهي.
اللہ کا محبوب بنے جو تمھیں چاہے اس کا تو بیاں ہی نہیں کچھ تم جسے چاہو([1])
جيڪو ٿوري رزق تي راضي رهي...!!
مسلمانن جا چوٿان خليفه حضرت علي المرتضيٰ شيرخُدا رَضِیَ اللہُ عَنه روايت ڪن ٿا ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو:
مَنْ رَضِيَ مِنَ الله بِالْيَسِيرِ مِنَ الرِّزْقِ رَضِيَ الله مِنْهُ بِالْقَلِيلِ مِنَ الْعَمَلِ يعني جيڪو الله پاڪ جي ڏنل ٿوري رزق تي راضي ٿي ويندو، الله پاڪ ان جي ٿوري عمل تي راضي ٿي ويندو.[2]
مشهور مُفسر قرآن مُفتي احمد يار خان نعيمي رحمةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: جيڪڏهن توهان معمولي روزي تي به گهڻو شڪر ڪيو ته الله پاڪ توهان جي معمولي عملن جي تمام گهڻي قدر فرمائيندو.[3]
تاج وتخت وحکومت مت دے کثرتِ مال و دولت مت دے
اپنی رِضا کا دیدے مُژدہ یااللہ! مِری جھولی بھر دے([4])