Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

حرام ڪمائڻ کان بچو!

پيارا اسلامي ڀائرو: يقيناً دنيا ۾ غربت تمام گهڻي آهي، مهانگائي به چيلھ ڀڃي رهي آهي، ماڻهو مشڪل ۾ به آهن پر ان جو هي مطلب نه آهي ته اسان حلال ۽ حرام جي پرواھ ڪرڻ بغير مال ڪمائڻ شروع ڪري ڏيون، رزق ڪمائڻ گهرجي پر حرام جي ذريعي سان نه...، حلال ذيعي سان. * رشوت وٺڻ به حرام آهي، ڏيڻ به حرام آهي * ڪوڙ ڳالهائي ڪري سودو وڪڻڻ به گناھ آهي *ماپ تور ۾ ٺڳي ڪرڻ به گناھ آهي * ملاوٽ ڪري ڌوڪو ڏيڻ به گناھ آهي * اهڙيءَ طرح ناحق پنڻ، پنڻ کي پيشو بڻائڻ به ناجائز ۽ حرام آهي ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. ان کان علاوه به مال ڪمائڻ جا ڪيئي حرام ذريعا آهن، اسان کي انهن سڀني کان بچڻو آهي. صرف ۽ صرف حلال ئي ڪمائڻو آهي ۽ حلال ئي کائڻو آهي.

جهنم ان جي گهڻو  لائق آهي

حديثِ پاڪ آهي: جيڪو گوشت حرام سان پلجو اهو جنّت ۾ داخل نه ٿيندو جهنم جو وڌيڪ حقدار آهي.[1] * هڪ روايت ۾ آهي: جنهن حرام جو هڪ گرھ کاڌو ان جون 40 ڏينهن جون نمازون ۽ دعائون قبول نه ڪيون وينديون. * وڌيڪ هڪ روايت ۾ آهي: انسان جي پيٽ ۾ جڏهن حرام جو گرھ پوندو آهي، زمين ۽ آسمان جو هر ملائڪ ان تي ان وقت تائين لعنت ڪندو آهي جيستائين اهو حرام گرھ ان جي پيٽ ۾ رهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ حالت ۾ مري ويو ته ان جو ٺڪاڻو جهنم هوندو.[2]

سود و رشوت میں   نُحُوست ہے بڑی                                                                                          نیز دوزخ میں سزا ہوگی کڑی


 

 



[1] .مسند امام احمد ،جلد:6 ،صفحہ:95 ،حدیث:14815 ملتقطاً ۔

[2] مکاشفۃ القلوب،باب فی بیان الخوف، صفحہ:12