Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab
پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان خبر پئي ته ظاهري طور دنياوي مال نه هجڻ به هڪ نعمت آهي، جيڪڏهن هي نعمت نه هجي ها ته الله پاڪ پنهنجي انهن محبوب ترين هستين کي هرگز ان حال ۾ نه رکي ها.
امير اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو آهي: غريب فائدي ۾ آهي. تمام پيارو رسالو آهي، پڙهڻ وٽان آهي. امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ان ۾ هڪ حديثِ پاڪ لکي آهي، حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عَنه کان روايت آهي ته آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: غريب مسلمان امير مسلمانن کان اڌ ڏينهن پهريان جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ اهو (اڌ ڏينهن) 500 سالن جي برابر هوندو.[1]
هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ مشهور مفسرِ قرآن مُفتي احمد يار خان
نعيمي
رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن
ٿا: خيال رهي ته اها دير حساب جي ڪري نه هوندي، الله پاڪ سڄي جهان جو حساب
تمام جلدي وٺندو. اها دير غريبن جي شان ڏيکارڻ لاءِ هوندي ته اميرن کي حساب جي
نالي تي روڪيو ويو ۽
فقيرن کي جنت طرف روانو ڪيو ويو.[2]
هڪ حديثِ شريف ۾ آهي: جهنم ۽ جنّت جي وچ ۾ مُباحثو ٿيو(يعني پاڻ ۾ ٻنهي گفتگو ڪئي)، جهنم چوڻ لڳو: ”مونکي ظالم ۽ مُتڪبر ماڻهن سان فضيلت ڏني وئي آهي(يعني مان اهو آهيان، جنهن ۾ ظالم ۽ تڪبر ڪرڻ وارا ماڻهو وِڌا ويندا) جنّت چيو: منهنجي لاءِ اهو آهي ته مون ۾ صرف ڪمزور ۽ لاچار ۽ عاجز ماڻهو داخل ٿيندا.[3]