Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

اي عاشقانِ رسول! جيڪو الله پاڪ جي ڏنل رزق تي راضي ٿيندو، الله پاڪ ان جي ٿوري عمل تي راضي ٿيندو، جيڪي ربَّ جي رزق تي راضي رهندا اهي پنهنجي قبرن مان اڏامي ڪري جنّت ۾ هليا ويندا، نه اهي ميدانِ محشر جو رخ ڪندا، نه اعمالنامه انهن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا، نه حساب ڪتاب جو معاملو ٿيندو، نه پلصراط تان گذرڻو پوندو جيڪا وارَ کان سنهي ۽ تلوار کان وڌيڪ تيز آهي. اندازو لڳايو! اهي ڪيترا خوش نصيب هوندا، جيڪي انهن مرحلن کان بچندي پنهنجي قبرن مان اڏامي ڪري سڌو جنّت ۾ هليا ويندا. ڪاش! اسان به الله پاڪ جي ڏنل ٿوري رزق تي راضي ٿي وڃون.

تاج وتخت وحکومت مت دے                                                                        کثرتِ مال و دولت مت دے

اپنی رِضا کا دیدے مُژدہ                                                                                                                   یااللہ! مِری جھولی بھر دے([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی  اللهُ عَلٰی مُحَمَّد

 (3) سُستي ۽ ڪاهلي

پيارا اسلامي ڀائرو: اڄ معاشري ۾ بي روزگاري وڌي رهي آهي، ان جو هڪ وڏو سبب سُستي ۽ ڪاهلي به آهي. ڪيئي نوجوان اهڙا به آهن جن جو ذهن هوندو آهي ته اسان کي هڪ ڪکُ ڀڃين ٻيڻو ناهي ڪرڻو، ائين ئي ويٺي مال ايندو رهي، اسان مزي سان عيش سان زندگي گذاريندا رهون.

ائين ناهي ٿيندو. هي دنيا محنت ڪرڻ وارن جي آهي، جيڪو محنت ڪندو آهي، ان کي صِلو ملندو آهي، جيڪو سُستي ڪندو آهي، فارغ رهندو آهي، محنت کان جيءُ چُرائيندو آهي، ان جي نصيب ۾ صرف پڇتائڻ ئي ايندو آهي.

دنيا ۽ آخرت جي ورهاست

حضرت علامه قُشيري رحمةُ اللهِ عَلَيْه رسالي قشيريه ۾ لکن ٿا: الله پاڪ دنيا جي


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:123۔