Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

ڇڏيو، گهڙي کن ۾ ميوو تيار به ڪري ڇڏيو! ٿورو سوچڻ جي ڳالھ آهي، جڏهن الله پاڪ اهڙين قدرتن وارو آهي ته حضرت مريم رحمةُ اللهِ عَلَيْها کي هي حڪم ڇو ڏنو:

وَ ھُزِّیْۤ  اِلَیْکِ

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پڪڙي پنهنجي طرف ڌوڻيو.

ان جي لوڏڻ بغير به ته هي سڀ ڪجھ ٿي سگهيو ٿي...؟ حضرت مولا علي شيرِ خُدا رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ هن جو راز بيان ڪندي فرمائن ٿا:

اَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ قَالَ لِمَرْيَمَ                                                                                                                                                     وَهُزِّیْ اِلَيْكِ الْجِذْعَ تُسَاقِـطِ الرُّطَب

وَلَوْ شَاءَ مَالَ الْجِذْعُ مِنْ غَيْرِ هَزِّهَا                                                                                                    اِلَيْهَا وَلٰكِنِ الْاُمُوْرُ لَهَا سَبَب

تَوَكَّلْ عَلَى الرَّحْمٰنِ فِیْ كُلِّ حَاجَةٍ                                                                                                                      وَلَا تَتْرُكَنَّ الْجُهْدَ فِیْ كَثْرَةِ التَّعَب

ترجمو: يعني ڇا توهان نه ڏٺو جيڪو الله پاڪ حضرت مريم رَضِیَ اللہُ عَنه کي فرمايو ته کجيءَ جو ٿڙ پڪڙي ڪري پنهنجي طرف لوڏ تنهنجي مٿان تازيون کجورون ڪرنديون حالانڪه جيڪڏهن اُهو پاڪ پروردگار چاهي ها ته ان کي لوڏڻ بغير  ٿڙ پاڻ ئي انهن ڏانهن جهڪي وڃي ها (پر ائين نه ٿيو هي ان ڪري جو دنيا عالَمِ اسباب آهي ۽ هتي) هر ڪم جو ڪو نه ڪو سبب مقرر آهي لهٰذا توهان هر حاجت ۾ الله پاڪ تي ئي ڀروسو ڪيو ۽ سخت ٿڪيل هجڻ جي باوجود ڪوشش ڪرڻ نه ڇڏجو.

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو، محنت ۾ عظمت آهي. اسان کي گهرجي ته حلال روزي ڪمايون، چڱي نيت سان ڪمايون ۽ ان جي لاءِ محنت به ڪندا ڪيون.

محنت ڪرڻ ۾ بهتري آهي

مسلمانن جا ٻيا خليفه حضرت عُمر فاروق اعظم رَضِیَ اللہُ عَنه جي دورِ خلافت ۾ ڇوته مالِ غنيمت گهڻو ايندو هو ۽ حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عَنه ماڻهن ۾ مال