Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

يعني امام حسن ۽ امامِ حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جنّتي نوجوانن جا سردار آهن * سندن در تان زماني جون جهوليون ڀرجنديون آهن * پاڻ ئي ته اُهي ذيشان آهن جن جي لاءِ پياري آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم لٿل سج موٽائي ڇڏيو هو.

تیری مرضی پاگیا سورج پِھرا اُلٹے قدم                                                    تیری اُنگلی اُٹھ گئی مہ کا کلیجا چر گیا

* وري سيده فاطمةُ الزهرا رَضِیَ اللہُ عَنها جو به بلند شان ڏسو! * نبي بلڪه اِمامُ الانبياء جون شهزاديون آهن، * حسنين ڪريمن جون امڙ سائڻ آهن، * اها هستي آهن جن جا دعا جي لاءِ کنيل هٿ خالي ناهن موٽايا ويندا، * جن کي الله پاڪ غيب مان رزق عطا فرمائيندو آهي، * جن جي گهر جي چڪي (جنڊ) هلائڻ جي لاءِ الله پاڪ آسمان جي موڪليندو آهي، مطلب ته هي پنجتن پاڪ آهن، بلند شان وارا، بُلند رتبي وارا آهن، ڪو مڃي يا نه مڃي حق هيءُ ئي آهي ته اڄ به زمانو پنجتن پاڪ جو ئي صدقو کائي رهيو آهي. انهن جي در تي دنيا پلجي رهي آهي.

پر پيارا اسلامي ڀائرو! اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت!

 انهن بُلند رتبي وارن جو شان ڏسو! مبارڪ حالت ڏسو! زُهد ۽ دنيا کان بي رغبتي ڏسو! * گهر ۾ کائڻ پيئڻ جي لاءِ ڪجھ به ناهي * سيده فاطمه رَضِیَ اللہُ عَنها گهر ۾ صبر ڪن ٿيون * مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنه محنت ڪن ٿا، ڳَرو وزن کڻن ٿا يعني کوھ مان پاڻي جا ڏول ڪڍي ڪري کجورو ڪمائن ٿا * ۽ ٻنهي جهانن جا تاجدار، اهي بُلند شان وارا نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهن جيڪي مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنه جي لاءِ لٿلُ سج به موٽائي ڇڏيندا آهن، اڄ اشارو نه ٿا فرمائن بلڪه گڏ تشريف فرما ٿي ڪري مولا علي رَضِیَ اللہُ عَنه کي محنت ڪندي ڏسي رهيا آهن.