Be Rozgari Ke Asbaab

Book Name:Be Rozgari Ke Asbaab

سُبْحٰنَ اللہ! هاڻي ٿورو غور فرمايو! رتبو ڪيترو بُلند آهي، رسول جا نِياڻا آهن، فاطمه جا گهر وارا آهن، اها هستي آهن، جن جو هٿ مبارڪ پڪڙي ڪري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ کُنْتُ مَوْلَاہٗ فَہَذَا عَلِيٌ مَوْلَاہٗ جنهن جو مان مولا (يعني محبوب ۽ مددگار) آهيان، بَس هي علي به ان جو مولا (يعني محبوب ۽ مددگار) آهي.[1]

بیاں کس منہ سے ہو اس مَجْمَعُ  ْالبَحْرَیْن  کا رتبہ

جو مرکز ہے شریعت کا طریقت کا ہے سر چشمہ

مسلمانو! رسول اللہ کی  اُلفت  اگر  چاہو

کرو اس کی غلامی جس کا ہر مومن ہوا بندہ

هاڻي ڏسو! شان ايتري اوچي آهي ۽ حلال رزق ڪمائڻ جي لاءِ ڇا ڪم ڪري رهيا آهن؟ کوھ مان پاڻي ڪڍي روزي ڪمائي رهيا آهن.

هونئن سچ چوان ته دنيا ۾ بي روزگاري وڌي رهي آهي. پر هيءَ به هڪ حقيقت آهي ماڻهن جي اندران محنت جو جذبو به گهٽ ٿي ويو آهي. اسان وٽ هي هڪ عجيب سوچ پائي وڃي ٿي، ماڻهو پيشي کي پنهنجي اسٽِيٽس سان جوڙيندا آهن. * هونئن بي روزگار آهن پر محنت مزدوري ناهي ڪرڻي، ماڻهو ڇا چوندا.؟ * گهر ۾ فاقه آهن پر فروٽ جي ريڙهي ناهن لڳائي سگهندا، نه ماڻھو ڇا چوندا؟  * گهر ۾ غربت گهر ڪري وئي آهي پر ننڍو وڏو ڪم ناهي ڪرڻو، انهيءَ ڪري جو ماڻهو ڇا چوندا. اسان کي ڪم به وڏي رتبي وارو کپي. بس هيء ذهن ٺهيل آهي ته ڪا ڀلي نوڪري هجي، لک ٻه لک پگهار هجي، اڳيان پٺيان نوڪر هجن، عيش هجن، اهڙي اعلى قسم جي نوڪري ملندي، تڏهن ئي ڪمائيندا، نه ته بس غربت جي ئي گلا ڪندا رهندا.


 

 



[1] ترمذی ،ابواب المناقب...الخ،باب مناقب علی ...الخ،صفحہ:846 ،حدیث:3722