Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

ٻڌائين: ڏسو! هيءَ منهنجي امت جي خاتون آهي، جيڪا روزانو ڪثرت سان نفل پڙهندي هئي.

   هڪ ڀيري حضرت رابعه بصريه رحمةُ اللهِ عَلَيْها ڪمري ۾ ويهي الله پاڪ جي ياد ۾ مصروف هيون. *  ٻاهر مينهن وسيو *  موسم خوبصورت ٿي وئي *  هر شيءِ خوبصورت هئي *  وڻن جا پنَ به وهنجي چڪا هئا *  هلڪي هلڪي هوا هلي رهي هئي *  ٿڌي ٿڌي اُس نڪتل هئي *  ان سان گڏوگڏ آسمان تي ڪمان (Rain Bow) به بڻجي وئي، ست رنگن جو خوبصورت دائرو جيڪو بارش کان بعد ڪڏهن ڪڏهن آسمان تي بڻجي ويندو آهي، ان کي ڪمان چوندا آهن. هي سڄو منظر نهايت خوبصورت ۽ سُهانو هو. حضرت رابعه بصريه رحمةُ اللهِ عَلَيْها جي خادمه هي منظر ڏٺو ته عرض ڪيائين: اي رابعه! ٻاهر تشريف وٺي اچو! الله پاڪ جي قدر جو نظارو ڏسو! فرمايائون: هي نظارا ڇڏيو...!! اندر اچو! مون سان گڏ ويهي هي منظر ٺاهڻ واري جي ياد ۾ مصروف ٿي وڃو...!![1]

 نہ غرض کسی سے نہ واسطہ                                                                                                                                                                مجھے کام اپنے ہی کام سے

تیرے ذِکْر سے، تیری فکر سے                                                                                                                                                  تری یاد سے، ترے نام سے

  سبحان الله! هي آهن الله وارن جا پيارا انداز...!! قدرت جا حسين نظارا ڏسڻ جائز آهي، ان ۾ گناھ ناهي پر هي الله وارا آهن، الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارا ماڻهو آهن، الله پاڪ جي ياد ۾ اهڙا مصروف رهندا هئا جو ان پاسي کان توجھ هٽائي ڪري ڪنهن ٻئي پاسي خيال نه ڪندا هئا.

اسان ۽ سوشل ميڊيا (Social media)

افسوس! هاڻي اسان جو حال ته تمام بي حال (ٿي ويو) آهي. پهريان ته الله پاڪ


 

 



[1]...تذكرة الاولياء، باب هشتم، ذكررابعة رحمة الله عليها، ١/٧٢.