Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

کانپوءِ فرمايائون: مون کي خطرو ٿيو ته هن چادر جي گُلن جي سبب تَوجُّھ هٽي ويندي، تنهنڪري هيءَ چادر اَبو جَهۡم (صحابي) کي ڏئي اچو! (بخاري)

 مشهور مُفسرِ قرآن مُفتي احمد يار خان نعيمي رحمةُ اللهِ عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان لکن ٿا: عربي ۾ خَميصَه ڊيزائن Design واري چادر کي چوندا آهن، هيءَ اُوني ڪاري چادر هئي جيڪا اَبوجَهۡم (رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ) هديةً (يعني بطورGift) پاڻ سڳورن جي بارگاھ ۾ پيش ڪئي هئي، اها ويڙهي ڪري نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نماز ادا فرمائي، پوءِ انهن کي ڏئي ڇڏي.

قلبِ مصطفيٰ جو  بُلند شان

 پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان نهايت بُلند آهي، تمام بُلند آهي، ايترو بُلند آهي جو سندن شان بيان ڪرڻ ته پري جي ڳالھ، مخلوق ۾ ڪوبه سندن شان مبارڪ کي پوري طرح سڃاڻي به نه ٿو سگهي. ڪنهن عاشقِ رسول چيو آهي:

تیرا وَصف بیاں ہو کس سے، تیری کون کرے گا بڑائی

اس گردِ سَفَر میں گم ہے جبریلِ امیں کی رسائی

وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جا اوصاف ۽ ڪمالات اهڙا بُلند شان وارا آهن جو عام انسان ته هڪ پاسي، حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم به انهن کي صحيح طريقي سان بيان نه ٿا ڪري سگهن.

اسان جا نبي، رسولِ هاشمي اهڙي شان وارا آهن جو * معراج جي رات ڪائنات جا عجائب ملاحظه فرمايا *  نبين جي امامت فرمائي*  آسمان جو سير فرمايو *  جنّت جا نظارا ڏٺا، ان جي باوجود شان مبارڪ اِهو هيو جو