Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

(1)  دامن بچائي رکو!

   قرآنِ ڪريم ۾ نيڪ ٻانهن جو هڪ وصف بيان ٿيو آهي:

وَ اِذَا مَرُّوْا بِاللَّغْوِ  مَرُّوْا کِرَامًا (۷۲)

ترجمو ڪنزُالعرفان: ۽ جڏهن ڪنهن بيهوده ڳالھ وٽان گذرندا آهن ته پنهنجي عزت سنڀاليندي گذري ويندا آهن.

 (سيپارو: 19، سورة فرقان: 72)

يعني الله پاڪ جا نيڪ ٻانها جڏهن ڪنهن  فضول ۽ بيهوده مجلس يا شيءِ جي ويجهو کان گذرندا آهن ته پنهنجو دامن بچائي ڪري گذرندا آهن. تنهنڪري سوشل ميڊيا استعمال ڪندي وقت قرآن پاڪ جي هن نصيحت کي ضرور سامهون رکو! سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻو آهي ته ان تي جيڪي به بيهودگيون آهن، انهن کان دامن بچائي رکو! *  بدنگاهي نه ڪيو! *  ميوزڪ وغيره ٻڌڻ کان بچو! *  بدعقيده ۽ بُرن ماڻهن جون ڳالهيون نه ٻڌو! *  غير مسلمن ۽ مُلحدن (Atheists) جون ڳالهيون نه ٻڌو! *  صرف ۽ صرف ضرورت جو استعمال ڪيو! صرف ۽ صرف عاشقانِ رسول عُلماءِ ڪرام جون ئي ڳالهيون ٻڌو!

مذاق مشڪري کان بچو!

   هڪ اهم ڳالھ هيءَ ته سوشل ميڊيا تي جيڪي مزاحيه شيون اينديون آهن، کلڻ کلائڻ واريون شيون، انهن کان پري رهو! هي هڪ طرح سان جادوگري شيون هونديون آهن جيڪي اسان جي دل ۽ دماغ تي قبضو ڪري وٺنديون آهن، انهن کان بچڻ نهايت ضروري آهي، انهن جي سبب سوشل ميڊيا جي عادت