Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

سوشل ميڊيا جا ڪجھ فائدا

  پيارا اسلامي ڀائرو! مان هيءُ هرگز نه ٿو چوان ته سوشل ميڊيا جا صرف نقصان ئي نقصان آهن، يقيناً ان جا فائدا به کوڙ سارا آهن، *  سوشل ميڊيا جي ذريعي رابطن ۾ تمام گهڻي آساني ٿي وئي آهي *  اسان پري ويهي پنهنجي مٽن مائٽن سان رابطي ۾ رهندا آهيون *  خير خيريت معلوم ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي *  ان جي ذريعي هفتن، مهينن جا ڪم ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ ٿي ويندا آهن *  سوشل ميڊيا جي ذريعي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ آسان ٿي ويو آهي *  ان جي ذريعي علمِ دين سکڻ سيکارڻ آسان ٿي ويو آهي *  بلڪه سوشل ميڊيا ثوابِ جاريه جو ذريعو پڻ آهي، ڪيترائي عاشقانِ رسول عُلماءِ ڪرام آهن، جيڪي دنيا مان پردو ڪري ويا آهن، سوشل ميڊيا تي انهن جا ايمان افروز بيانَ موجود آهن، ماڻهو ٻڌندا آهن، علمِ دين سکندا آهن، عمل جو جذبو ماڻيندا آهن، دعوت اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شورا جي مرحوم حاجي مشتاق عطاري رحمةُ اللهِ عَلَيْه دنيا کان وڃي چڪا آهن، الله پاڪ انهن تي رحمت جي بارش وسائي، انهن جون نعتون هاڻي به سوشل ميڊيا تي موجود آهن، ٻڌي ڪري سڪون ملندو آهي، دل ۾ عشقِ رسول وڌندو آهي، الحمد لله! هيءَ انهن جي نيڪي آهي جيڪا اڃان تائين باقي آهي، يقيناً ان جو ثواب انهن کي هاڻي به ملندو هوندو. اهڙي طرح وڌيڪ غور ڪندا وڃو ته سوشل ميڊيا جا کوڙ فائدا آهن. پر.......

سوشل ميڊيا جو مثال شراب جيان آهي

سوشل ميڊيا جو مثال شراب ۽ جُوا جهڙو آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو:

وَ اِثْمُہُمَاۤ  اَکْبَرُ مِنْ نَّفْعِہِمَا ؕ

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ انهن جو گناھ انهن جي نفعي کان گهڻو وڌيڪ آهي.

  (سيپارو: 2، سورة بقرة219)