Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

فَیْضَانِ اُمَّہَاتُ المُؤمِنِیْن لکڻ جو شرف حاصل ڪيو آهي، اوهان هن ڪتابَ کي 450 رپين ۾ قيمت ڏئي ڪري مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان طلب ڪيو، هن ڪتابَ کي پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو! غوثِ پاڪ رحمةُ اللهِ عَلَيْه جي وڏي يارهين شريف جي پياري موقعي تي مجلس تقسيمِ رسائل پيش ڪري رهي آهي فيضانِ غوثيه پيڪج، هي پيڪج مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 200 رپين ۾ قيمت ڏئي طلب فرمايو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                                                                                                                                     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                           جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

واعدي جي پابندي سنّت آهي

 2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جيڪو واعدو پورو ناهي ڪندو، ان جو ڪو ايمان ناهي.[2] (2): جيڪو مُسلمان پنهنجي ڀاءُ سان واعده خلافي ڪري ان تي الله پاڪ ۽ ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي.[3]


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]...مصنف اِبْنِ اَبِی شیبہ، کتاب الايمان، جلد:7صفحہ:223۔

[3]...بخاری، کتاب الجِزْیہ، باب اثم من عاھد ثم غدر، صفحہ:815، حدیث:3179۔