Book Name:Hum Aur Social Media
ها! هيءَ ڳالھ صحِيح آهي ته سوشل ميڊيا جي ذريعي عاشقانِ رسول عُلماءِ ڪرام جا بيان ٻڌي ڪري مدني مذاڪرا ڏسي ڪري آن لائن ڪورسز وغيره جي ذريعي به علمِ دين سکي سگهجي ٿو، هي به علمِ دين سکڻ جو هڪ اهم ۽ آسان ذريعو آهي پر سوشل ميڊيا کي بنياد بڻائي ڪري عُلماءِ ڪرام کان منهن موڙڻ نهايت غلط ڳالھ آهي، ان ڪري اسان جو دين برباد به ٿي سگهي ٿو. جي ها! سوشل ميڊيا جي ڪري ڪيترن ئي جا عقيده خراب ٿيا آهن سوشل ميڊيا تي * مُلحد (خُدا جو انڪار ڪرڻ وارا) آهن * الله پاڪ جو انڪار ڪرڻ وارا بي عقل ماڻهو آهن * پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون گستاخيون ڪرڻ وارا * صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جون گستاخيون ڪرڻ وارا، سڀئي پنهنجا پنهنجا دڪان لڳائي ويٺا آهن، جنهن وٽ جيڪو ڪجھ آهي، اهو پنهنجو سامان وڪڻي رهيو آهي. هيء اسان جي ذميداري آهي ته اسان بچي رهون، سوشل ميڊيا کان پنهنجي اکين کي به بچايون، پنهنجي ڪنن کي به بچايون، پنهنجي دل کي به بچايون، پنهنجي عقيدن کي به بچايون، ۽ پنهنجو ايمان به بچايون. ۽ هي جيڪو اسان وٽ چيو ويندو آهي: ٻڌو سڀني جي، ڪيو پنهنجي. هي بلڪل غلط ڳالھ آهي. مولانا حسن رضا خان صاحب رحمةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
اپنا عزیز وہ ہے جسے تُو عزیز ہے
ہم کو ہے وہ پسند جسے آئے تُو پسند
اسان ڪنهن جي به نه ٻڌنداسين، صرف ان جي ٻڌنداسين جيڪو * محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون ڳالهيون ڪندو آهي * جنهن جون ڳالهيون ٻڌي ڪري دل ۾ عشقِ رسول وڌندو آهي * عشقِ صحابه وڌندو آهي * عشقِ اهلبيت وڌندو آهي * محبتِ اولياء ۾ اضافو ٿيندو آهي، جنهن جي ڳالهين مان * نفرت جي بُوءِ ايندي آهي * جيڪو صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جون گستاخيون ڪندو آهي * ولين سڳورن رحمةُ اللهِ عَلَيْهم جون گستاخيون ڪندو آهي، ان جي ڳالھ