Book Name:Hum Aur Social Media
ڪيون ان کان بچي ئي وڃون! پوءِ ضرورت جي تحت جيڪڏهن استعمال ڪري رهيا آهيون ته ان ۾ بدنگاهي کان ضرور بچون! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَا مِنْ مُسْلِمٍ يَنْظُرُ اِلٰى مَحَاسِنِ امْرَاَةٍ اَوَّلَ مَرَّةٍ ثُمَّ يَغُضُّ بَصَرَهُ اِلَّا اَحْدَثَ اللّٰهُ لَـهُ عِبَادَةً يَجِدُ حَلَاوَتَـهَا يعني جيڪو مسلمان ڪنهن عورت جي خوبين ڏانهن (بي ارادي) پهريون دفعو نظر ڪري پوءِ پنهنجي اک هيٺ ڪري وٺي، ته الله پاڪ ان کي اهڙي عبادت جي توفيق عطا فرمائيندو جنهن جي هو لذت حاصل ڪندو .
حضرت ڪعبُ الاحبار رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي زماني ۾ هڪ ڀيرو ڏُڪار پيو، ماڻهن سندن بارگاھ ۾ درخواست ڪئي ته دعا ڪيو ته مينهن وسي. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ارشاد فرمايو: اُخْرُجُوْا مَعِیْ اِلَی الْجَبَلِ مون سان گڏ پهاڙ تي هلو. سڀئي ماڻهو گڏ هلڻ لڳا ته پاڻ اعلان فرمايائون: لَایَتْبَعُنِیْ رَجُلٌ اَصَابَ ذَنْبًا مون سان گڏ ڪو اهڙو ماڻهو نه هلي جنهن ڪو گناھ ڪيو هجي. اهو ٻڌي ڪري سڀئي ماڻهو واپس هليا ويا، صرف (بَرۡخُ العابِد نالي) هڪ اک وارو ماڻهو گڏ هلندو رهيو. حضرت موسيٰ ان کي فرمايو: اَلَمْ تَسْمَعْ مَا قُلْتُ؟ ڇا اوهان منهنجي ڳالھ نه ٻڌي؟ عرض ڪيائين: ٻڌي آهي. پڇيائون: ڇا اوهان بلڪل بيگناھ آهيو؟ عرض ڪيائين: اي ڪليمُ الله! مون کي پنهنجو ٻيو ڪو جرم ته ياد ناهي، البت! هڪ ڳالھ ٻڌايان ٿو جيڪڏهن اهو گناھ آهي ته مان به واپس هليو وڃان ٿو. فرمايائون: مَاھُوَ؟ اها ڪهڙي ڳالھ آهي؟ عرض ڪيائين: هڪ ڏينهن مان رستي تي گذري رهيو هئس ۽ ڪنهن جي رهائشگاهه ۾ هڪ اک سان جهاتي پاتي، جتي ڪو بيٺو هو. ڪنهن جي گهر ۾ اهڙيءَ طرح جهاتي پائڻ تي مون