Book Name:Hum Aur Social Media
پڪو ارادو ڪيو! اها ئي توبه آهي. ان لاءِ اعضاء ڪٽڻ جي ضرورت ناهي، بلڪه شرعاً جائز ئي ناهي۔
پيارا اسلامي ڀائرو! سوشل ميڊيا جي وڌيڪ نقصان مان هڪ نقصان هي به آهي ته ان جي ذريعي غلط فهميون تمام گهڻيون وڌنديون آهن. غلط معلومات هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پوري دنيا ۾ پکڙجي ويندي آهي. هڪ غلط پوسٽ هلندي آهي ۽ اها فارورڊ (Forward) ٿيندي ٿيندي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويندي آهي. پوءِ ان سان گڏوگڏ اسان وٽ به هي هڪ رويو بڻجي ويو آهي ته ماڻهو دين جون ڳالهيون به سوشل ميڊيا کان سکندا آهن.
هڪ صاحبِ علم آهي، اهو چئي ٿو: مان هڪ ڀيرو ڪتابن جي دڪان تي ويس. اتي هڪ شخص موجود هو، شايد ڪو بدمذهب هو بهرحال! گهڻو پڙهيل لکيل نه هو. ان صحابيءِ رسول حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي متعلق منفي ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. گهڻو ڪجھ چوندو رهيو، جيئن ته ان کي سمجهائڻ جي خاطر مون هڪ حديثِ پاڪ ٻڌائي، اهو جلدي ۾ چوڻ لڳو: ڪٿي لکيل آهي هيءَ حديثِ پاڪ...؟ حوالو ڏيکاريو! اهو صاحبِ علم چئي ٿو: مان ڇو ته ڪتابن جي دڪان تي هيس، مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب فيضانِ اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ اتي رکيل هو. مون ڪتاب کنيو، اها حديث حوالي سان لکيل ڪڍي ڪري ڏيکاري.
جڏهن ته حديثِ پاڪ اکين سان ڏسي ورتي، پاڻ پڙهي ورتي هاڻي گهرجي ها ته اهو