Book Name:Hum Aur Social Media
قيامت ويجهو اچي وئي آهي، جلد ئي موت پنهنجو ڄار وڇائيندو، تنهنجو روح ڪڍيو ويندو، توکي اونداهي قبر ۾ لاٿو ويندو، هاءِ افسوس! اهو نادان جيڪو غفلت ۾ رات ڏينهن گذاري رهيو آهي، اهو ڪيتري خساري ۾ آهي؟ ڪيتري نقصان ۾ آهي. ها! ها! جلد، تمام جلد حشر برپا ٿيندو، پوءِ اسان کان پڇيو ويندو، دنيا ۾ ڇا ڪمايو؟ الله پاڪ جي ڏنل نعمتن جو ڪيترو حق ادا ڪيو؟ هر هر نعمت جي متعلق پڇيو ويندو. الله پاڪ فرمائي ٿو:[1]
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُہُمْ وَ ہُمْ فِیْ غَفْلَۃٍ مُّعْرِضُوْنَ ۚ(۱)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ماڻهن جو حساب ويجهو اچي ويو ۽ اهي غفلت ۾ منهن ڦيريون پيا آهن. جڏهن انهن وٽ انهن جي ربّ وٽان ڪا نئين نصيحت ايندي آهي ته ان کي کيڏيندي ئي ٻڌندا آهن.
(سيپارو: 17، سورة انبياء: 1)
اے رب کے حبیب آؤ! اے میرے طبیب آؤ! اچھا یہ گناہوں کا بیمار نہیں ہوتا
گو لاکھ کروں کوشش، اِصلاح نہیں ہوتی پاکیزہ گناہوں سے کِردار نہیں ہوتا ([2])
قبيله بنو تميم جو هڪ شخص چئي ٿو: هڪ ڀيري مان حضرت عامر بن عبدُالله رحمةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس: جڏهن (اُتي) پهتس ته اهي نماز ادا ڪري رهيا هئا، مان انتظار ۾ ويهي رهيس، انهن جيئن ئي سلام ڦيريو ته فرمايائون: پنهنجو ڪم ٻڌايو...!! مونکي جلدي آهي. مون عرض ڪيو: ڪهڙي جلدي آهي؟ فرمايائون: الله پاڪ اوهان تي رحم فرمائي، خبر ناهي ڪڏهن ملڪ