Hum Aur Social Media

Book Name:Hum Aur Social Media

لڳي ويندي آهي، هڪ نشو ٿي ويندو آهي، پوءِ هڪ ٻانهو انهن کان بچي ناهي سگهندو. تنهنڪري مزاحيه شين کان بچو! حديث پاڪ ۾ آهي: وَيْلٌ لِّلَّذِيْ يُحَدِّثُ بِالْحَدِيْثِ لِيُضْحِکَ بِہِ الْقَوْمَ فَيَکْذِبُ، وَيْلٌ لَہٗ، وَيْلٌ لَہٗ اهو شخص برباد ٿئي جيڪو اهڙي ڳالھ بيان ڪندو آهي، ته جيئن ان سان ماڻهو کلن، پوءِ هو ان مقصد لاءِ ڪوڙ به ڳالهائي وٺندو آهي، اهڙي شخص جي لاءِ بربادي هجي، اهڙي شخص جي لاءِ بربادي هجي.

 (2):  بامقصد رهو!

   سوشل ميڊيا جو استعمال بامقصد بڻايو! يعني ضروري مقصد جي تحت ئي ان کي استعمال ڪيو! ان کان علاوه استعمال نه ڪيو! هڪ بزرگ گذريا آهن: شيخ تاجُ الدين سڪندر رحمةُ اللهِ عَلَيْه.  پاڻ فرمائن ٿا: اَلْکَوْنُ کُلُّہٗ ظُلْمَۃٌ وَ اِنَّمَا اِنَارُہٗ ظُہُوْرُ الْحَقِ فِیْہٖ يعني هي سڄي دنيا ظلمت ۽ اونداهي آهي، هي الله پاڪ جو نالو آهي جيڪو ان کي روشن ڪري ڇڏيندو آهي. (حکم عطائیہ، ص:۳۴-۳۵)

چوڻ جو مقصد هي آهي ته هن دنيا جو هر ڪم ظلمت ۽ اونداهي جو سبب آهي، جڏهن هن ۾ الله پاڪ جي رضا کي شامل ڪندا آهيون ته اهو ڪم نيڪي ۽ نور بڻجي ويندو آهي. بَس سوشل ميڊيا جو استعمال به چڱن ڪمن جي لاءِ ئي ڪيو! اهڙن ڪمن جي لاءِ ڪيو! جن جو دنيا يا آخرت ۾ ڪو فائدو هجي، جن ۾ اوهان چڱيون نيتون ڪري سگهو ٿا، نه ته ان کان پري ئي رهو!

 (3): وقت مقرر ڪري وٺو!

   پنهنجو ٽائيم ٽيبل (Time table) بڻايو! ۽ سوشل ميڊيا جي بامقصد استعمال جي لاءِ به هڪ خاص وقت رکو! صرف انهيءَ وقت ۾ استعمال ڪيو! ائين ئي