Book Name:Hum Aur Social Media
بخشش ۽ مغفرت جو سامان ڪرڻ جي بدران ماڻهو سيلفين ۾ وقت تباھ ڪري ڇڏيندا آهن.
دن لہو میں کھونا تجھے شب صبح تک سونا تجھے شرمِ نبی خوفِ خدا یہ بھی نہیں وہ بھی نہیں
وضاحت: افسوس رات ڏينهن نافرمانين ۾، غفلتن ۾، فضوليات ۾ گذاريا ويندا آهن، ۽ مٿان هي ستم جو نه الله پاڪ جو خوف آهي نه ئي نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان ڪنهن ڳالھ جو شرم ته سڀاڻي قيامت جي ڏينهن انهن هستين کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
وَ الْعَصْرِ ۙ(۱) اِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِیْ خُسْرٍ ۙ(۲)
ترجمو ڪنزُ العرفان: زماني جو قسم. بيشڪ انسان ضرور نقصان ۾ آهي.
(سيپارو: 30، سورةُ عصر: 1_2)
هن جي تفسير ۾ امام حسن بصري رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هتي عصر مان مُراد عصر جو وقت آهي ۽ ان جو قسم ارشاد فرمائي ڪري اسان کي تنبيھ ڪئي آهي ته جهڙي طرح عصر جو وقت ڏينهن جو اختتامي وقت آهي، ان وقت ڪم ڪار ڪرڻ وارا، بازار ۾ دڪان هلائڻ وارا پنهنجا دڪان بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، هاڻي اهو وقت ويجهو اچي ويندو آهي جنهن سڄي ڏينهن ۾ ڪجھ نه ڪمايو، جلد ئي اهو پنهنجي گهر پهچندو، ان جا ٻار ٻچا، اهل و عيال ان جي چؤ طرف جمع ٿي ويندا ۽ پيسن ۽ کاڌي وغيره جو مطالبو ڪندا. تڏهن ان کي شرمندگي ٿيندي، ائين ئي اي انسان! دنيا پنهنجي عصر جي وقت تي آهي،