Book Name:Hum Aur Social Media
(6): مواد شيئر ڪرڻ ۾ احتياط ڪيو!
سوشل ميڊيا جي استعمال جي ڇهين احتياط هيءَ آهي ته سوشل ميڊيا تي مواد شيئر ڪرڻ ۾ تمام گهڻو احتياط سان ڪم وٺو! * ڪيئي هٿرادو ڳالهيون سوشل ميڊيا تي هلي رهيون هونديون آهن، انهن کي اڳتي نه وڌايو! * هر اها ڳالھ جيڪا فتني جو سبب بڻجندي هجي * جيڪا ماڻهن کي نيڪي کان پري ڪندي هجي جنهن سبب مسلمانن ۾ نفرت وڌندي هجي * جيڪا ڪنهن جي دل آزاري جو سبب بڻجندي هجي * جن ڳالهين سان اسلام ۽ سنيت کي نقصان پهچندو هجي، اهڙيو ڳالهيون نه پاڻ پڙهو! نه ڏسو! نه ئي اهڙن ڳالهين کي اڳتي وڌايو!
هڪ ٻي اهم ڳالھ * قرآن ڪريم جي آيت هجي * حديثِ پاڪ هجي* يا ڪو شرعي مسئلو هجي، جيستائين ڪنهن مُستند عاشقِ رسول عالمِ دين کان تصديق نه ڪرائي وٺو، ان وقت تائين اڳتي هرگز نه وڌايو! هن ۾ سخت خطرو آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ مَنْ اَظْلَمُ مِمَّنِ افْتَرٰی عَلَی اللّٰہِ کَذِبًا
ترجمو ڪنزُالعرفان: ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله تي ڪوڙ هڻي.
(سيپارو: 7، سورة انعام: 21)
معلوم ٿيو: الله پاڪ تي ڪوڙ هڻڻ وارو سڀني کان وڏو ظالم آهي، مثال طور اسان ڪا عربي عبارت آيت چئي ڪري اڳتي وڌائي پر اها حقيقت ۾ آيت نه هئي ته هي الله پاڪ تي ڪوڙ ٿي ويندو، ائين ئي اسان ڪنهن ڳالھ کي حديث چئي ڪري اڳتي وڌايو پر حقيقت ۾ اها حديث نه هئي ته هي رسولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم